دوست

 مٺا دلدار

 عالم سڀ

 آباد ڪرين

            The easiest way to connect Sindhis

سائينم

 سدائين

 ڪرين

 مٿي سنڌ سڪار

 Home |Sindh|Bhitai |Sachal |Personalities | Columns | Stories | Poetry | Education| IslamicCorner |CVs | Jobs| Contact

    

Mehran Magazine is under development......Thank you to visit....... Best view 800 X 600 pixels

 

  نئين حڪومت ۽ ملڪي مسئلا

 

ٻه اکر..................

 پي پي پي ۽ اختلافن جو طوفان!

پاڪستان  دنيا  ۾ بيهڪ ۽  بناوٽ جي حوالي سان جيتري اهميت رکي ٿو اتي اندروني تنظيمي حوالي سان خاطر خواه ترقي نه ڪري سگھيو آهي. هي ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين بيشمار مسئلن ۾ رهيو آهي. جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي ترقي تمام اهم مسئلا رهيا آهن.  قومن جي ترقي ۾ سندن ملڪي سياست ڪرنگھي جو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ملڪ تي سياستدانن کان وڌيڪ بيوروڪريٽس جي حڪمراني رهي آهي، اها سول بيوروڪريسي هجي يا فوجي بيوروڪريسي . پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان کي آزاد ٿيڻ کان پوءِ جيڪا سياسي پارٽي ملي سا آهي پاڪستان پيپلز پارٽي، جنهن واقع عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ ان بنياد تي ئي عوام پنهنجي حقن جي ڳالھ ڪندو آهي.

ان کانپوءِ يا اڳ ۾ جيڪي به پارٽيون ٺهيون سي اڳتي هلي مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويون يا ختم ٿي ويون پر پي پي پي هميشه قائم رهي.

ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کانپوءِ ڪجھ وقت محترمه نصرت ڀٽو ان پارٽي کي هلايو، بعد ۾ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه ان پارٽي کي تمام سٺي نموني سان هلايو. جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب کانپوءِ پارٽي ۾ غلام مصطفي! جتوئي، غلام مصطفي!کر  ۽ آفتاب شيرپائو جن عليحده پارٽيون ٺاهيون پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا ۽ حقيقت ۾ اهو وڏو ڪريڊٽ آهي جيڪو وڃي ٿو انهن ماڻهن کي جن پي پي پي کي ڀٽي صاحب کانپوءِ هلايو جنهن ۾ وڏو ڪردار محترمه بينظير شهيد جو آهي.  ان پارٽي ضياءَ جو دور به ڏٺو ته ڄام صادق جو دور به، جن تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ته پي پي پي کي ٽوڙيو وڃي پر مظبوط قيادت هجڻ جي ڪري پارٽي کي ڪو نقصان نه پهتو ۽ اها ئي واحد پارٽي  تمام گھڻو وقت هڪ ئي ڪمانڊ ۾ بغير اختلافن جي رهي. 

هن وقت پي پي پي جي قيادت آصف زرداري صاحب جن وٽ آهي، جيڪي پارٽي جي مستقبل جا فيصلا ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي پارٽي جو مستقبل انهن فيصلن تي منحصر ڪري ٿو.

پارٽيون ادارا هونديون آهن جٿي ڪارڪنن جي تربيت سان گڏوگڏ قومن جا فيصلا به ٿيندا آهن ۽ پي پي پي ۾ ته فيصلي تي لبيڪ ڪيو ويندو رهيو آهي. پر هن دفعي پي پي پي ۾ ڀٽو خاندان کانپوءِ جڻ فيصلن ڪرڻ جي سگھ نه رهي آهي. هيڏي وڏي پارٽي اڄ تائين وزيراعظم جو فيصلو نه ڪري سگھي آهي.

محترمه جي شهادت کانپوءِ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ آصف زرداري اهو چيو هيو ته اسان جي پارٽي جو وزيراعظم امين فهيم هوندو پر هاڻي اهو بيان پوئتي رهجي ويو آهي ۽ مختلف ماڻهن جا نالا وزيراعظم جي پوسٽ لاءِ اچن پيا. جنهن مان لڳي پيو ته هن پارٽي مان نظم ضبط ۽ هڪ فيصلي ڪرڻ جي سگھ ختم ٿي وئي آهي.

قيادت کي سڀ کان وڌيڪ پارٽي جي مستقبل ۽ نظم و ضبط کي ڏسڻ گھرجي نه ڪي ڪنهن دٻاءُ يا شخصتين کي. ڇاڪاڻ تي مختلف ادارن جي ڪوشش هوندي ته هن وقت پي پي پي کي ٽوڙيو وڃي ۽ جيڪڏهن هن دفعي پارٽي ٽٽي وڃي ٿي ته شايد اڳتي هي پارٽي جڙي سگھي.

پاڪستان جي ترقي ۽ وجود  ۾ ئي باقي صوبن جي ترقي آهي ۽ پاڪستان کي ترقي صرف منظم ۽ گول اورنٽيد سياسي پارٽي ڏياري سگھي ٿي تنهنڪري فيصلو پاڪستان جي ترقي ۽ مستحڪم هجڻ لاءِ ئي ڪيو وڃي

 

..

 2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk
[email protected]

This website is developed and Managed by Mazhar Azaad Abro, Larkana, Sindh,Pakistan

Hosted by www.Geocities.ws

1