دوست

 مٺا دلدار

 عالم سڀ

 آباد ڪرين

            The easiest way to connect Sindhis

سائينم

 سدائين

 ڪرين

 مٿي سنڌ سڪار

Home|Sindh|Bhitai |Sachal |Personalities | Columns | Stories | Poetry |Digital Library | Education| IslamicCorner |CVs | Jobs|Sindhi Software|Fonts| Contact

    

Mehran Magazine is under development......Thank you for visit....... Best view 800 X 600 pixels

 

ٻه اکر..................

   نئين حڪومت ۽ ملڪي مسئلا

 

        اليڪشن 2008 ٿي وئي. جنهن ۾ ٻه پارٽيون اڪثريت سان مٿي اچي ويون. ماڻهو مختلف اميدون کڻي ووٽ ڏيڻ ويا جن ۾ وڏي اميد معاشي سڌارو هئي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن ۽ وفاق ۾ ٻئي جمائتون اڳتي اچي ويون. ڳالھ صرف ووٽ وٺي اسيمبلي تائين پهچڻ جي نه آهي پر اصل ڪم واعدن جي پورائي آهي.  جيڪي واعدا انهن پارٽين جا اميدوار چونڊ مهم دوران ڪندا رهيا. جيڪڏهن ڪا پارٽي ڪيل واعدا پورا نٿي ڪري ته پوءِ ڄڻ ان پارٽي کٽي به هارايو.

         هن وقت پاڪستان اندروني توڙي بيروني دٻاءَ ۾ آهي. معاشي مسئلا  پاڪستان کي وڪوڙي ويا آهن. طبقاتي سسٽم ملڪ کي ڪمزور ڪري چڪو آهي. صوبن ۾ يڪجھتي نه رهي آهي. صوبا صرف پنهنجي لاءِ پيا سوچن ملڪي  سالميت لاءِ ڪنهن کي فڪر نه آهي. مخصوص ماڻهو ملڪ جي وسيلن  تي قبضو ڪئي ويٺا آهن جنهن سان معشيات بگرجندي پئي وڃي. اندروني ماملن سان گڏ بدقسمتي سان پاڪستان جي ساک ٻاهرين دنيا ۾ به تسلي بخش نه آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان سپر پاور ملڪ جي پوئلڳي ڪري پاڻ کي اڪيلو ڪندو پيو وڃي جڏهن ته امريڪا هاڻي سپرپاور جي چوٽي تان ڪري چڪو آهي ۽ ڪجھ عرصي کان پوء شايد ِ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي. ان حالات ۾ پاڪستان کي به تمام گهڻو نقصان پهچي سگھي ٿو.   هن وقت پاڪستان کي هڪ اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا ملڪ سان سچي هجڻ سان گڏوگڏ قوم کي به ترقي ڏياري سگھي ۽ دنيا کي هڪ آزاد ملڪ طور مڃرائي. جيڪڏهن ايئين نٿو ٿئي ته پوءِ هي ملڪ تمام گھڻن مسئلن جي ور چڙهي ويندو

        پاڪستان ۾  نئين ٺهندڙ حڪومت کي حقيقت ۾ تمام گھڻن چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. جن ۾  واضح بيروني پاليسي جنهن ۾ ايشيا جي ملڪن جو ساٿ ڏيڻ ۽ ايشين فيڊريشن جي تصور تي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ به آهي. اصل ۾ جيڪڏهن ايشين ملڪ پاڻ ۾ متحد ٿي وڃن ٿا ته يوروپين ملڪ  کين ڪجھ به نٿا ڪري سگھين ڇاڪاڻ ايشيا جي آبادي تمام گھڻي آهي ۽ اها  يوروپين ملڪن جي مجبوري رهندي ته هو ايشين ملڪن سان رابطي ۾ رهن. بيروني پاليسي سان گڏ  اندروني پاليسي به نئين حڪومت کي بالڪل واضح ڪرڻي پوندي جنهن ۾ صوبائي خودمختياري کي اوليت ڏيڻي پوندي. ملڪ جي بقا جي لاءِ ضروري آهي ته چئني صوبن جي حقن کي تسليم ڪيو  ۽ صرف هڪ صوبي جي ترقي تي توجھ نه ڏنو وڃي. جيئين ماضي قريب ۾ ٿيندو رهيو. ان سان صوبائي نفرت ۾ اضافو ٿيندو پر جيڪڏهن سڀني صوبن جي حقوق کي تسليم ڪندي انهن جي هڪ جهڙيون پاليسيون تشڪيل ڏنيون ويون ته پوءِ هي ملڪ تمام گھڻي ترقي ڪندو ۽ صوبن ۾ نفرت به پيدا نه ٿيندي.

      پاڪستان ۾ جٿي ٻيا مسئلا تمام گھڻا آهن اتي ماڻهن جا معاشي مسئلا  پڻ تمام سنگين ٿي چڪا آهن تنهنڪري نئين حڪومت لاءِ هي بي ضروري آهي ته هو فورن معاشي پاليسي ٺاهي سڀني ماڻهن کي فائدو پهچائي. پاليسي ۾ تضاد به نئين حڪومت لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن طبقاتي پاليسي ٺاهي وئي ته به ماڻهن جا معاشي مسئلا ختم نه ٿيندا. اسان وٽ بدقسمتي سان پنهنجو نظام رهيو ئي ناهي. هميشه اسان بيروني نظام کي نافظ ڪندا رهيا آهيو جنهن سان غريب طبقو غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ امير طبقو امير ٿيندو پيو وڃي. ان سان گڏوگڏ بيوروڪريسي به اهڙي معاشي ورهاست جي ڪري قوم جو استحال ڪندي رهي آهي. تنهنڪري موجوده حڪومت جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته وسيلن جي ورهاست وقت طبقات ۽ پنهنجي حيثيت کي نه ڏٺو وڃي بلڪه پوري قوم جي حالت کي ڏٺو وڃي. اسان وٽ وسيلن جي ورهاست ۾ غريب طبقو هميشه پوئتي رهجي وڃي ٿو ۽ امير طبقو هميشه مٿي اچي وڃي ٿو جنهن جو هڪ سبب اسيمبلين ۾ صرف امير طبقي جو هجڻ پڻ آهي. مثال طور جيڪڏهن حڪومت ملازمين جون پگھارون وڌائيندي آهي تڏهن به طبقي کي سامهون رکيو ويندو آهي اهڙي طرح هيٺين طبقي جي پگھارن ۾ اضافو گھٽ ٿيندو آهي ۽ مٿين طبقي جي پگھارن ۾ اضافو وڌيڪ ٿيندو آهي جڏهن ته خاندان به هيٺين طبقي جو وڏو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته هي طبقو خانداني منصوبه بندي تي توجھ نه ڏيندو آهي. پر پوءِ به آفيسر طبقي جي پگهارن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو آهي. حقيقت ۾ پگھارن  ۾ اضافو يا ٻين وسيلن جي ورهاست وقت خاندان جي تعداد کي سامهون رکي ڪري پگھارن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ ٻين وسيلن کي ورهايو وڃي. ٻي صورت ۾ هيٺيون طبقو هميشه معاشي مسئلن مان گذرندو آهي. جنهن سان اهو طبقو پنهنجي ٻارن کي صحيح تعليم به نه ڏئي سگھندو آهي ۽ پنهنجا اخلاق به بلند ڪري نه سگھندو.

 هي حڪومت نظام ته مٽائي نٿي سگھي پر گھٽ ۾ گھٽ ماڻهن جا بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ سنگ بنياد ضرور رکي جيڪڏهن نئين حڪومت ايئن ڪيو تڏهن به مستقبل ۾ عوام ان جو فائدو وٺي سگھي ٿو.

         نئين حڪومت لاءِ جٿي معاشي مسئلن جي حل لاءِ پروگرام ڏيڻا آهن اتي بهتر تعليم ۽ ماڻهن ۾ شعوري سڄاڳي لاءِ پڻ پروگرام ٺاهڻا پوندا ته جيئن ماڻهو پنهنجي اولاد کي صحيح تعليم ڏئي سگھن  هن ملڪ ۽ قوم کي ترقي يافته قوم بڻائن،  ٻي صورت ۾ هي قوم ساڳيءَ طرح هن حڪومت لاءِ به مسئلو بڻيل هوندي.  

 

 

..

 2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk
[email protected]

This website is developed and Managed by Mazhar Azaad Abro, Larkana, Sindh,Pakistan

Hosted by www.Geocities.ws

1