سنڌ منھنجو  ساھ

مھراڻ ميگ 
The easiest way to connect Sindhis

سنڌ  منھنجي جان
Home| Sindh |Bhitai | Sachal | Personalities | Columns | Stories | Poetry |Digital Library |Health| E&P Media |Chit Chat|ShowBiz|CVs | Jobs|Sindhi Software|Fonts| Contact
 
 

A request to all Sindhis...                 ھڪ  گزارش سڀني سنڌ ين ۂۂۂکي

 Mehran Magazine   Stories page  is under development.  Please send us your Stories in Sindhi, English by email. [email protected]

”روپلي سان ملاقات  " نثـــارابــڙو

سانوڻيءَ جي مندائتي مينهن، ٿر جي وارياسي کي گل گلزار ڪري ڇڏيو هو دوستن جي واتان ٿر جي ان موسم واري هاڪ مستانو ڪري وڌو ۽ سندرو ٻڌي نڪتس ٿر جي سير تي حيدرآباد، ميرپور ۽ امرڪوٽ کان ٿيندي ڇاڇري ڏانهن رخ ٿيو ڇاڇرو گھمي ننگرپار ۽ اتان ڪارونجهر جي پانڌيئڙن ساڻ ٿي ڪارونجهر پهتس جبل جي چوٽ تي ” تروٽ “ جي ٿلهي تي چڙهي اچي سڪون جو ساه کنيو

تفصيل      

” منهنجي امڙ “

آءُ جسماني طور وڌڻ لڳس، مونکي وڌيڪ طاقتور کاڌن جي ضرورت هئي ... ان ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ امڙ پنهنجي گھر جي پوئين پاسي وهندڙ واهوندي ۾ وڃي مڇي ماري ايندي هئي ... پوءِ ان مڇيءَ کي چڱيطرح پچائي مونکي ڏيندي هئي ... جڏهن آءُ مڇي کائيندو هوس ته امڙ منهنجي ڀر ۾ ويهندي هئي ...

تفصيل

شيطان ٿيو مسلمان

نثارابڙو

اڄ جڏهن هو ڳچ سالن کانپو مليو ته چهرو نوراني ... ٻولي شائسته ... رويو انتهائي مناسب ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ... سبحان الله، ماشاء الله، الحمد الله سندس زبان تي ... هر ڳالهه تي دعائون ڏيڻ ... آذان ٻڌڻ شرط نماز جي دعوت ڏنائين ۽ معذرت تي پاڻ پڙهي اچڻ جي اجازت گھريائين ...  ... خئير جڏهن نماز تان موٽيو ته مونکان رهيو نه ٿيو ۽ کائنس پڇي ويٺس ته هڪ شيطان   Bad Boy، مسلمان ... Gentleman ڪيئن ٿيو؟   تفصيل

 

ڪانونِ جي قوم

نثار ابڙو

مون کان چانهن وئي وسري ۽ پاڻ کي ڪانون جو ساٿي محسوس ڪندي، سندن حمايتي ٿيندي ويٺم جاچڻ . . . ايئن ٿي لڳو ڄڻ آفريڪي ڪارا انسان پنهنجي بقاءِ آزادي ۽ نسل جي بچاءُ جي قومي ويڙهه وڙهڻ لاءِ . . . گورن نسل پرست، پرمار ۽ ڦورو حڪمرانن خلاف گڏ ٿي جدوجھد ڪري رهيا هجن . . .  تفصيل  

هوا ڪهاڻي

 

قزاقن (pirates) جي عجيب دنيا...

الطاف شيخ

"اڄ جڏهن توهان جو علائقو ايڏو ته خوشحال ٿي ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو روزگار لاءِ هتي اچن ٿا پر توهان اهي ئي چوريءَ جا ڪم ڪندا رهو ٿا؟

تفصيل

 

 

..

 2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk
[email protected]

This website is developed and Managed by Azaad Abro, Larkana, Sindh,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

روپلي سان ملاقات

[email protected]  

                            نثـــارابــڙو

سانوڻيءَ جي مندائتي مينهن، ٿر جي وارياسي کي گل گلزار ڪري ڇڏيو هو دوستن جي واتان ٿر جي ان موسم واري هاڪ مستانو ڪري وڌو ۽ سندرو ٻڌي نڪتس ٿر جي سير تي حيدرآباد، ميرپور ۽ امرڪوٽ کان ٿيندي ڇاڇري ڏانهن رخ ٿيو ڇاڇرو گھمي ننگرپار ۽ اتان ڪارونجهر جي پانڌيئڙن ساڻ ٿي ڪارونجهر پهتس جبل جي چوٽ تي ” تروٽ “ جي ٿلهي تي چڙهي اچي سڪون جو ساه کنيو ...

جهڙائتي موسم ... بوندا بانديءَ کانپوءِ زوردار وسڪارا ... وڻندڙ صاف هوا ... رنگ برنگي گاه سان ڍڪيل ٿر جون واديون ۽ انهن وچ ۾ واريءَ جون ڀٽون ... روشنيءَ جا عجب ڏيک، ڪٿي جهڙائتي ڪاراڻ ته ڪٿي وري جهاتيون پائيندڙ سج روشني، واريءَ ذرن کي سون جيئان چمڪائي رهي هئي... مطلب ته ٿر ٿر هو ... ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن جادوئي قالين تي چاڙهي اچي ڪارونجهر مٿان لاٿو هجي ... ڊگھو سفر مٿان وري جبل جي چڙهائيِءَ جو ٿڪ ... بس مون پاڻکي ٿڌن پٿرن جي بستري تي کڻي اڇلايو ... خير سان ننڊ وٺي وئي ... ڪي پل ئي گذريا هوندا ته اچانڪ جھڙائتي گرج تي اک کلي پئي ... سامهون ويٺل نوجوان وڌيڪ ڇرڪائي وڌو، جنهن گھور پائي ويٺي مونڏانهن نهاريو... وڏي اوٻاسيءَ سان اٿي ويٺس ... نوجوان ڏسڻ ۾ سهڻو ... رنگ جو پڪو ... مڇن جي ساوڪ ... مٿي تي گھڻ وريو پٽڪو ... روايتي ٿري لباس ... اکين ۾ عجب جهڙي ڪشش ... منهن تي شجاعت ۽ پنهنجائپ جا چٽا اهڃاڻ...

” مسافر آهين؟ “ ويجهو ٿيندي سوال ڪيائين

” جي ها ... سيلاني ۽ سچ جو ڳولائو! “ منهن آسمان ڏانهن ڪري ... مينهن ڦهوار سان تازو ڪري هٿ گھمائي لاٿو ... هو منهنجي سڄي پاسي واري پٿر تي چڙهي ويٺو ...

”اوهانجو نالو؟ “ مون کيس گھور پائي پڇيو

” روپلو ڪولهي “

ذهن جا ورق ورڻ لڳا ... تاريخ جي خاني ۾ هڪ گمنام ورق تي روپلي ڪولهيِءَ جو نالو ڌنڌلو... ايئن جيئن ٽڪَ تي وقت جي ڌوڙ چڙهي وئي هجي ... اٽڪل ڏيڍ سئو ورهن جي پراڻي تاريخ ...

” روپلو“ حيرت مان رڙ نڪري وئي .. ” اڙي يار ! توکي ته شهيد ٿئي ڏيڍ صدي گذري آهي! “

” پنج ويهون سچ ... روپلو ئي آهيان ... ڏيڍ صدي اڳ، سنڌ جي جنگ وڙهندي ... انگريزن خلاف بغاوت جي بيرڪ بلند ڪندي، موت کي سيني سان لائي .. ديس ۽ ديس واسين جو ڳاٽ اوچو رکيو“

” پوءِ ڀائڙا ! هت جيئرو جاڳندو ! روح آهين يا ڀوت ؟ ڳالهه سڌي ڪر ... “

” فڪر نه ڪريو ... ٻيو ڄم ٿيو آهي ... پهرين ڄم ۾ روپلو ته ٻئي ۾ پڻ “

ياد آيو ... سنڌ جي پراڻن ۾ ٻئي جنم کي ڌرمي حيثيت آهي ... بس پوءِ خوشيءَ وچان ٽپو ڏئي وڃي روپلي کي ڳراٺڙي پاتي، نرڙ تي مٺي ڏئي ... سامهون واري پٿر تي ويهندي ... هٿ ٻڌي کيس پرنام ڪندي چيو ”يار روپلا! سچ پڇين ته حيرت سان گڏ بيحد خوشي ٿي آهي جو تو جهڙي جھونجھار مڙس سان ميلو ٿيو آهي ... اوهانجي سورهيائي ۽ ويڙه جا قصا اسين اڄ تائين ڳائيندا اچون ...“

”برابر، جي قومون پنهنجي تاريخ کي ياد ڪن ٿيون سي لڏنديون لمنديون پر ٻڏنديون ڪين! “ روپلي منهن تي خوشي ظاهر ڪندي چيو ...

”ڀاءُ روپلا! دل چوي ٿي ته ڇونه اوهان کان ئي اوهانجو احوال وٺجي! زندگي جو ڪو ڀروسو ... وري ميلو ٿئي يا نه ...“ مون اتساهيندي فرمائش ڪئي ...

” اڙي مسافر ! پنهنجو قصو سنڌ جي آزادي ۽ غلاميءَ جو قصو آهي ... ڀونءِ تان نثار ٿيڻ جي ڪهاڻي آهي ... پنهنجن جي غداريءَ جو قصو آهي ... ٻڌي سگھندين؟ “

” مون لاءَ عزت ۽ فخر جي ڳالهه ٿيندي ”بسم الله ڪريو... “ پٿر تي پٿلي هڻي پاڻ ٺاهي ويٺس سنڌ جي سورهيه جي ڪٿا ٻڌڻ ...

”ڪولهي آهيان ... پنهنجي تاريخ هن ڌرتيءَ جيئان پراڻي آهي ... دراوڙ ۽ آريا به هن ڀونءِ تي پوءِ آيا ... پاڻ ڀونءِ واسي سدائين ساوا ۽ مالوند رهياسون ... هن جنهن ٿلهي تي پاڻ ويٺا آهيون، جنهنکي اڄ تروٽ وارو ٿلهو چيو وڃي ٿو سو اصل ۾ سنڌ جي مها پرش انسانن جي گيتن، سخن، ڀڄن ۽ موج ۾ اچي محبوب مڃائڻ جو آستان آهي ... ٻاراڻي ڄمار ۾ بابا سائين ٻڌائيندو هو ته هت هن چوٽي تي سنڌ جو مهاپرش، يوگي ۽ گياني ... پنهنجن ساٿين سميت، هالا حويليءَ کان ڪهي ايندو هو ... ويجهڙائيءَ جي سڀني جاتين کي ڪٺو ڪري، حق ۽ سچ جا گفتا جھوگاريندو هو ... مارئي ۽ سارنگ ڳايو ويندو هو ... هر ڌرم جا گيت ... راڳ ۽ ناچ جا عجب لقاءَ ٿيندا هئا .. ڪا به چنتا ڪونه ... هرڪا پسي پرينءَ کي ... رنگ ۽ نسل جي تفاوت بنا ...

هتان هو سامهون هاڪڙو درياه وهندو هو ... ڪشمير کان به مٿان برف جي جبلن کان هلندو هو ... هڪ درياه جو پاڻي مٿان وري اُڀَ جو اَبــرُ ... مندائتي مينهن جا وسڪارا ... پوءِ ته ماڻهون، مرگھه ۽ مينهون خوشين وچان نچندا ۽ نمندا هئا ... اسين ڪولهي مڙس ۽ زالون، ٻار ۽ ٻڍا، ڪنوارا توڙي پرڻيل شري ڪرشن مهاراج جي چوڦير ”راسوڙو ناچ“ نچندا هئاسين ته هن ڀونءِ جا مڙئي جيوَ پاڻ سان گڏ نچندا هئا ... رات جي خاموشي، چندرما جي مڌم روشني ۽ مٿان وري دڦ جي خاص وڄت ... اسين سڀ هرڻن جيئان ڇال ڏئي وڃي دهلاريءَ کي گھيرو ڪندي سڄي کان کاٻي ڦرندي، بيهڪ ٺاهيندي دهل جي لئه سان نچندا هئاسين ... دهل جي لئه ۽ تال جي تبديلي ۽ تيزي پاڻ۾ به تيزي ۽ تبديلي آڻي ڇڏيندي هئي ... جهومندا، نچندا ۽ نمندا، چپٽيون ۽ تاڙيون وڄائيندا، مڌر راڳ آلاپيندا هئاسون ... هن ناچ ۾ نچندڙ جسم جي جھوم، ڪمر جي لچڪ، چوڙين جي کڙڪي، جھانجھر جي ڇمڪي سان هڪ قدرتي حسن پئدا ٿئي ٿو ... پاڻ سان گڏ هرڻن جا جھنڊ ۽ مورن جا ميڙ پڻ نچندا هئا ... ڇا ته دلڪش منظر هئا ...“ ٿڌو ساه ڀري، هوا ۾ ڦهلائي، اکيون بند ڪري، چپ ٿي ويو ... آءُ به ٿڌڙي هوا جي جھوٽن ۽ خيالن ئي خيالن ۾ راسوڙو نچڻ لڳس ...

”ادا مسافر! هن ترَ جا سڀ رهواسي هڪ مُٺِ هئاسون ... هر قسم جي مت ڀيد کان آجا ... راندين جا ميدان ته ڏسڻ وٽان هئا، ملهه، ٻلهاڙي ۽ ونجھوٽيءَ جي مقابلن ۾ سنڌ جا ناميارا پهلوان ۽ کيڏاري پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ... اٺ سواري، گھوڙي سواري ته پنهنجو محبوب مشغلو هو، ڊگھا ڊگھا سفر ڪرڻ، ڪڏهن پيرين پنڌ ته ڪڏهن اٺ گھوڙا ... هن ڪارونجھر جي اور جيڏانهن به رخ ڪندا هئاسون ته مهينن جا مهينا گم، نه جھل نه پل ... تلوار بازي، تير اندازي ۽ نيزي بازيءَ جي مقابلن ۾ ته ڪمال جو مزو ايندو هو ...“

”هاڪڙي درياه جي پاسي مٽائڻ سان پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿي ته ٿرين مندائتي مينهن جا انتظار شروع ڪيا ... آسمان تي ڪو ڪارو ڪڪر ڏسبو، واءُ سڻائو لڳندو ۽ تاڙي جي تنوار ٿيندي ته پوءِ پاڻ ٿر واسي سيڪڙن جي انگ ۾ ڪٺي ٿي ضروري اوزار کڻي، واري واري سان پنهنجن ۽ پاڙي وارن جي کيتن ۾ ڊگھيون قطارون ٺاهي ... همرچو ڳائيندي ونگار وهندا هئاسون ... “

ايئن ٿي لڳو اجھو هو اٿي همرچو ڳائڻ شروع ڪندو ... پر اوچتو ئي اوچتو منهن ۾ گھُنڊُ پائيندي چيائين ” ست سمنڊ پار کان آيل فرنگين چالاڪيءَ سان هند تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ تي به ڪاهڻ جون اٽڪلون ٿي ڪيون ... ميرن سنڌ کي انگريزن لاءِ موت جي ڌرتيءِ جو لقب ڏيندي حڪمنامو جار ڪيو ته:

” سنڌ جي سرحدن ۾ ڪوبه انگريز ڪٿان به داخل ٿئي ته ساڻس جنگ ڪئي وڃي“

تلوارون ۽ ڪهاڙيون تيز ٿي ويون ... ڪچهرين ۾ گرمجوشي ۽ واڌارو آيو ... ڪم ڪار لاهي ديش دشمن سان ويڙه جون تياريون ٿيڻ لڳيون ... بس سڏ جي دير هئي ... خبر آئي ته وڏي مير پنهنجي علاج لاءِ فرنگي طبيب کي گھرايو آهي ... خار ڏاڍا آيا ته ”کرن جي هٿان شفا“ ... اڃان اها خبر تازي ئي هئي ته مٿان وري ٻي هڪ انگريز کي ٻيڙن سميت سنڌوءَ مان گذري، پنجاب جي سک راجا لاءِ گھوڙن جا تحفا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ... پوءِ ته چپن تي چپِ ... سمجھي وياسون ته پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪهاڙو هنيو ويو آهي ... کرن کي پنهنجو گھر ڏيکارڻ به ڪا سياڻپ آهي!

ڪابل ملڪ جي شاه شجاع ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پٺاڻ وزير جو ڀاءُ ماري وڌو ... پٺاڻن سندس بادشاهي ڦري ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ... شاه بدلي جي ڀاونا کڻي واپاريءِ جي روپ ۾ سنڌ مان گذرندو، ڪارونجهر کان ٿيندو، جيسلمير اچي نڪتو ... جت سندس چئن يارن کي قتل ڪيو ويو ... شاه وڃي فرنگين جي در دانهي ٿيو ... فرنگين کيس مدد ڪئي ۽ ڇتي ويڙه کانپوءِ جيسلمير تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪيائين ...

جيسلمير تي قبضي ٿيڻ کانپوءِ ڪابل جي حڪمراني هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو ... انگريزن جي مدد ۽ ڪجهه پنهنجي ٻلَ تي هڪ جرار لشڪر تيار ڪري ... سنڌ جي ميرن کان اهڙي اجازت گھري وئي ته شاه ۽ انگريزن جي گڏيل فوج سنڌ مان گذري افغانستان تي حملو ڪندي ... سنڌ جا مير انگريزن جي مڪاريءَ ۾ اچي ويا ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي غلطي ڪندي کين اجازت ڏئي ڇڏي ... لکن جي فوج سنڌ لتاڙ ڪندي وڃي شڪارپور نڪتي ...

لک شاباسون بروهي سردارن کي جن ميري جي ڪوٽ وٽ انگريزن ۽ شاه جي لشڪر سان وڙهندي رڻ ٻاري ڏنو ۽ کين پنهنجي علائقي مان ڀڄائي ڪڍيو ... شاه جي لشڪر وڃي ڪابل ۽ قنڌار کنيو ... پٺاڻ وڏي مڙسيءَ سان وڙهيا ... رڻ ٻاري ڏنائون پر فرنگين جي حرفت ۽ چالاڪي به ڏيهين مشهور ... فرنگين جي هڪ جنرل جان جيڪب اهڙي ته حرفت هلائي جو پٺاڻ پنهنجا ماڻهو مارائي ڀڄي نڪتا ۽ شاه شجاع قنڌار تي راڄ ٺاهي ويهي رهيو ...

انگريز جنرل چارلس نيپئر افغانستان وارو معامرو اڪلائي لشڪر سميت اچي سکر کان نڪتو ... ڪجهه ميرن ذاتي لوڀ ۽ سردارن سان غداري ڪندي انگريز جنرل سان سازباز ڪري کيس سنڌ تي ڪاه ڪرڻ لاءِ همٿايو ... فرنگين موقعي کي غنيمت ڄاڻي سنڌ تي ڪاه جا بيوگل وڄائڻ جا حڪم ڏنا ... خيرپور جي حڪمران سردارن ۽ محب وطن سنڌين انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجن سرن جا نذرانا ڏنا پر فرنگين جي تجربيڪار، ويڙهو ۽ منظم فوج سردارن کي ٽڪڻ ئي نه ڏنو قتلام ڪندي، سنڌ لتاڙ ڪندي اچي مياڻيءِ جي ٻيلي ۾ لٿي ...

حيدرآباد جي ميرن ۽ سنڌ جي سڄڻن پنهنجو لشڪر وٺي ڦليلي واه جي ڪپ تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ... پنهنجن جي غداري ۽ سنڌي فوج جي غير منظم ويڙه سبب هيءَ جنگ به هارائي وئي ... مير شير محمد خان عرف ” شير سنڌ “ آڻ نه مڃيندي وڃي ناريجن جي ڳوٺ وٽ سنڌي ويڙهاڪن جو لشڪر ڪٺو ڪري سنڌ جي جنگ وڙهڻ جو سندرو ٻڌو ... هن لشڪر ۾ سنڌ جو بهادر ”جنرل هوش محمد شيدي“ پڻ شامل هو ... ” مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون “ جي جذبي سان سرشار هن لشڪر پڻ ”دٻي جي ميدان“ ۾ رڻ ٻاريو ۽ وڏا سورهيه ويڙهاڪ جان نثار ٿيا ... سورهيه هوش محمد شيديءَ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي جام شهادت پيتو ... چواڻي ته ” گھر جو ڀيڌي لنڪا ڊاهي“ سو ديسي دلالن سنڌي فوج جي بارودخاني جي نشاندهي ڪرائي سمورو بارود ساڙائي رک ڪرائي ڇڏيو ... سموري سنڌ فرنگين ۽ سندن ديسي دلالن جي لتاڙ هيٺان اچي وئي ... ڪئي انسان ويڪائو ٿيا ته ڪئي شهيد ... مير شيرمحمد به آخري پساه تائين ويڙهه وڙهڻ جو وچن ڪندي فرنگين کي آرام جي ننڊ ڪرڻ ڪونه ڏني ... لاڙ، وچولو ۽ اتر جت دشمن ات شيرمحمد  ۽ سندس ساٿي...

اسين ٿري نوجوان ڪارونجهر جي چوٽ چڙهي ميرن جي قاصد جي راه نهاريندا رهياسون ته من ڪو هن پاسي به ديش دشمن سان جهاد جو پروانو يا نياپو پهچي ته دل جي باه مارجي ... فرنگين کان ديش جي سورهين جي شهادت جو بدلو وٺجي ۽ سنڌ جي بقاءَ واري جنگ ۾ پنهنجن سرن جا نذرانا ڏئي ڌرتي ماتا جو مان مٿاهون ڪجي ... پر افسوس هاڻ ميرن جي بجاءِ انگريز سرڪار جا حڪمنامه پهچڻ لڳا ... ڪنهن طرح سان شير سنڌ کي نياپو ڪري حالتن جي آگاهي ڏنيسون، جنهن تي شير سنڌ چوائي موڪليو ته اسين به لشڪر ٺاهي پنهنجي پنهنجي علائقي جي حفاظت ڪريون ۽ موقعي مناسبت سان سنڌ جا گڏيل محب وطن جنگجو پڻ اوهان سان شامل ٿي ويندا ...

ٿرپارڪر جي فرنگي ڊپٽي ڪمشنر ” ڪئپٽن ٽروٽ “ هڪ سنڌي غدار ”ڏيئي مل“ کي هن علائقي جو ڪاردار ڪري موڪليو جنهن اچڻ سان ئي ظلم جي باه ٻاري ڇڏي ۽ خاص سنڌ جي سڄڻن کي آزارڻ سندس فرائض ۾ شامل هو ... پوءِ ته سوڍن سردارن ۽ کوسن به انگريزن جا حڪمنامه ڦاڙي ڦٽي ڪيا ... اسين نوجوان ته بس انگريز سپاه ۽ سندن ڪارندن کي ڳولي ڳولي وڃي پورو ڪندا هئاسون ... ڀاراڻي کوسي، ڏيئي مل سان مهاڏو اٽڪايو پر ڏيئي مل حرفت سان کيس ڪاٺ ۾ وجھرائي ڇڏيو ... ڏيئي مل جي ظلمن، فرنگي سرڪار جي چاپلوسي، ۽ ڀاراڻي جي گرفتاريءَ، راڻي ڪرنجي ٽڪر کي ڪاوڙائي وڌو ۽ هن سرڪار خلاف جنگ جي منادي ڪرائي مڙني محب وطن قبيلن کي جهاد جي دعوت ڏني ...

اسين نوجوان ته اهڙي دعوت لاءِ ترسياسون ٿي ... آءُ پنهنجن قومپرست ساٿين سميت راڻي ڪرنجي ۽ اڌيسنگ جي لشڪر ۾ شامل ٿي وياسون ... مون واري ٽولي ۾ ڪولهي، ريٻاري ۽ سامي ويڙهاڪ هئا ... پاڻ سرڪاري عمارتن، ڪاردارن ۽ سپاهين تي حملا ڪرڻ لڳاسون ۽ سندن ڏينهنِ جو آرام ۽ راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيوسين ... ڏيئي مل پاڻ ۾ ڀتو نه ڀائيندي فرنگي ڪئپٽن تروٽ کي دانهيو ... هو به ديسي دلالن جي فوج وٺي اچي ڪڙڪيو، پاڻ به همٿ سان وڙهياسون پر ڪن اڻٽر مصلحت سبب پوئتي ڪڇ طرف هٽڻو پيو ... ڪڇ جي علائقي ۾ اڃان ڪي گھڻا ڏينهن نه ٿيا ته خبر آئي ته اسان جي ساٿي اڌيسنگ جي پيءُ لاڌي ۽ چاچي ڪلجيءَ تروٽ جو مقابلو ڪيو آهي ... چاچو ڪلجي بهادري سان وڙهندي ڪارونجھر کي پنهنجي رت سان رڱي شهيد ٿيو آهي، بابا لاڌو قيد ٿيو آهي ۽ فرنگي فتح جا اعلان ڪرائي رهيو آهي ...

دشمن فتح جي نشي ۾ چور اڃان ننگر ۾ ئي جشن ٿي ملهايا ته اڌيسنگ ۽ مون پنهنجا جان نثار جوڌا وٺي وڃي مٿانئن حملو ڪيو ... خونريز ۽ موتمار ويڙه کانپوءِ اڌيسنگ ۽ مون وڃي تروٽ جا پهريدار ماري تنبوءَ جون قناطون ڪپيون ... ڀاڙيو دشمن ڀڄي نڪتو ... مئي مينگھواڙ کيس پناه ڏئي، لڪائي ڪڍيو نه ته تروٽ جو نانءُ نشان ئي مٽائي ڇڏيون ها ... هن جنگ ۾ پنهنجي فتح ٿي ... ننگرپارڪر جي ويجھڙائي وارا علائقا پنهنجن هٿن ۾ هئا ... فرنگين جي تڏا ويڙه ڪرائيسون ... سرڪاري خزانو غريب ضرورتمند ديسواسين ۾ ورهايو ويو ... بند ۽ اذيتگاهون ٽوڙي بيگناه سنڌين کي آزاد ڪيو ويو ... فوجي سازو سامان تي قبضو ڪري، فرنگين جي رابطي جا وسيلا ناڪاره ڪري ڇڏياسون ...

تروٽ شڪست جا زخم چٽيندو هڪ ٻي انگريز سالار ايونس سان وڃي مليو، جو پڻ ٿر جي ٻين علائقن جي سنڌي محب وطن قبيلن کي چٿڻ تي مامور ٿيل هو ... ٻئي نڀاڳا فرنگي سالار لڳي ويا اسانجي مقابلي ڪرڻ جي سازباز ۾ ... ديسي دلالن جي مدد ۽ ماهر جنگجو فوج سان هڪ دفعو وري ننگر تي حملي جي تياريءَ ۾ ... آخر دشمن ڪاه ڪئي ... رڻ گجيو، راڙو ٿيو ... ساٿين جوانيءَ جا جوهر ڏيکاريا ... سر گھور ٿي ... ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏياسون ... بندوقن، تماچن ، بمن بارودن، تلوارن ۽ تيرن جي بارش ۾ شينهن جيئان گرجندا، ڪاهيندا رهياسون پر هڪ دفعو وري ديسي غدارن ۽ فرنگين جي نت نئين جنگي چالن اسانکي ننگر مان نڪري هن ڪارونجھر جي ڪُکِ ۾ پناه وٺڻ تي مجبور ڪيو ...

هن جاني جبل جي پناه دوران پنهنجو بارود ۽ کاڌ خوراڪ ختم ٿيڻ لڳو ... ساٿين پريشانيءَ جو اظهار ڪيو ... راڻي اڌيسنگ، ڪاسبي ۾ رهندڙ هندو سنياسي ٻائي مهاديوَ سان رابطو ڪيو. جنهن بارود ۽ کاڌ خوراڪ کڻي وڃڻ لاءِ نياپو ڪيو ... انگريز سرڪار پنهنجن سرن جي قيمت لڳائي ڇڏي هئي ... دولت ۽ جاگير جي لالچ ۾ ديسي دلالن ۽ انگريز سرڪار جي ڪارندن اسانجي ڳولا ۾ نوس نوس ٿي ڪيو ... ان سبب پنهنجو پناهگاه کان ٻاهر نڪرڻ خطري کان خالي نه هو ... مون ۽ منهنجن خاص ساٿين اها ذميواري سر کنئي ۽ ڪاسبي جا ڪجهه ڦيرا ڏئي پنهنجي ساٿين کي خبرداريءَ سان رسد پهچائيندا رهياسون ... آخري دفعو،  اصل هتان سامهون ڪارونجهر تان هيٺ وهندڙ گوڙڌرو ندي وٺي چندن گب ڏانهن ٿي ويس ... سخت اڃ لڳي هئي، هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ لٿس ... ترار ڀر ۾ رکي، نديءَ جي ڪپر تي ويهي اڃان پاڻي جا ٻه ٻڪ ئي مس ڳيتيا ته مٿان فرنگين جي ڪارندن گھيراءُ ڪري ڄار اڇلايو ... فرنگين جي ڄار ۾ هڪ خونخوار چيتي جيئان گھڻي ئي پاڻ پتوڙيم پر افسوس جھلجي پيس ...

ڳچيِءَ ۾ ڳٽُ، چيلهه ۾ رسا، هٿين هٿ ڪڙول، پيرين زنجير، اوڍڻ مڙوئي رت سان رنڱيل، حال کان بيحال ... اهڙي حالت ۾ دشمن تروٽ جي سامهون آندو ويو ... ڀاڙيو دشمن ڪاوڙ ۽ حقارت سان ٽمٽار ... ٻائي مهاديوَ کي منهنجي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪرڻ بدلي کيس انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيو ويو ... آءُ کامي پچي پڄري رهيو هوس ... من چاهيو ته زنجير ڇنائي کيس نڙيءَ ۾ هٿ وجھي تڙپائي تڙپائي ماريان ...

تروٽ فاتحانه انداز ۾ مونسان مخاطب ٿيندي، فرنگي سرڪار جي شان ۽ شوڪت جا قصا ٻڌائيندي طرحين طرحين لالچون ڏيڻ لڳو ... مال ملڪيت جا اقرار ڪندو رهيو ... انگريز سرڪار سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ ۽ وڌيڪ ساٿين جي گرفتاريءَ عيوض جاگيرن ڏيڻ جا واعدا ڪندو رهيو ... آءُ بس بيهوش ٿيڻ تي هوس، دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان ڪي ٻل باقي هو ... اکين تي زور ڏئي کوليندي تروٽ جي اکين ۾ کپائي ڇڏيون ... اکين مان ئي منهنجي اندر جي باه کي پروڙي ورتائين ...

” او ته روپلو اڃان جيئرو آهي“ ٻه زوردار چهبڪ پٽاڙن تي وهائيندي رڙ ڪندي چيائين ” سپاهيو هن کي ايترو ماريو جو روپلو مري سنڌ جو غدار پئدا ٿئي“ ايئن چئي ڏند ڪرٽيندو هليو ويو ...

مون اکيون بند ڪري ڇڏيون ... سنڌ امڙ جي سهڻن خوابن ۾ مهو ٿي ويس ... جسم تي گھڻا ڌڪ لڳا ... ڪنهن هنيا ... ڪٿي لڳا ... ڪيترو وقت هنيا ويا ... محسوس ئي نه ٿيا ... اڱرين تي ڪپهه جا ٻڙا ويڙهي باه ڏئي ڏيئاٽيون ڪري ٻاريون ويون ... آءُ عشق جي پيتل پيالن ۾ مدهوش ... فرنگين جا ڪارندا ماري ماري جڏهن ٿڪيا ۽ منهنجا زخم به ٺريا ته اک کلي پئي ... وچ ميدان تي ٻير جي وڻ سان ٻڌل هوس ... هڪ سپاهيءَ وڌي اچي چپن تي پاڻيءَ جو پيالو رکيو .. پاڻي جا ڪجهه ڍُڪَ سڪل نڙيِءَ کان هيٺ لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيس ... سامهون تروٽ جي خيمي تي نظر پئي ... جو پنهنجي چهبڪ سان ڪنهن ناريءَ کي الرون ڪندي ڪجهه سمجھائي رهيو هو ... مون گھور پائي ان ناريءَ کي ڏٺو ... لباس مان ڪولهڻ ٿي لڳي ... سندس چهرو چنريءَ سان ڍڪيل هو ...

ڪجهه ويرم ۾ تروٽ ۽ سندس ڪارندا ڪولهڻِ ساڻ ڪري مونڏانهن وڌڻ لڳا ... ناريءَ جي هلڻي سڃاڻيندي ئي دل جي رفتار تيز ٿي وئي ... منهنجي جان ، منهنجو روح، منهنجي وني مونڏانهن اچي رهي هئي جنهنکي ڏٺي ڏينهن ٿيا هئا ... تروٽ ڪجهه فاصلي تي اچي لڪڻ سان منهنجي روح کي بيهڻ جو اشارو ڪندي ... آواز ۾ ڏاڍائي آڻيندي رڙ ڪئي : ” اوو ناري ! سمجھاءِ هن ضدي، ارڏي ۽ جاهل انسان کي ... جيون خدا جي نعمت آهي ... خوشين ماڻڻ لاءِ آهي نه ڪي اجايا ڏک، بک ۽ سور سهڻ لاءِ ... هي انگريز سرڪار جو باغي آهي ۽ باغين جي سزا اذيتناڪ موت آهي ... جي سرڪار جو ساٿ ڏيندو، ٻين باغين جا ڏس پتا ٻڌائيندو ته سندس جان بخشي ڪري مالا مال پڻ ڪيو ويندو ... “

منهنجون نظرون پنهنجي جيون ساٿيءَ تي ڄميل رهيون ... ڪڏهن روپلي کي ماري غدار ته غدار کي ماري روپلي ٿي ٿيس ... منهنجي راڻي پنهنجي پوري حسن ۽ جوانيءَ سان ويجهو ٿيڻ لڳي ... دل جي رفتار تيز ٿي وئي ... من جا اڌما تيز ٿي ويا ... ٿڌي جسم ۾ گرمي اڀرڻ لڳي .. دل چاهيو ته پاڻ ڇڏائي وڃي ڳراٺڙي پايان ... ڀر ۾ اچي چهري تان چنيِءَ پاند سرڪائيندي اکيون اکين ۾ ملائي ڇڏيائين ... اکين ئي اکين ۾ ڪئي ڪٿائون بيان ٿيون .. ويرم کانپوءِ سندس چپ چريا ۽ من موهيندڙ آواز ڪن پيو ...

” اي سرتاج ! منهنجا خدا ! منهنجا سڀ نسل اوهان تان قربان ... اوهانجو مان ۽ عزت دائم رهي ... فخر آهي ته آءُ هڪ مڙس جي وني آهيان ... هي ديس جا ويري مونکي اوهانجي همٿ ۽ مڙسي ٽوڙڻ لاءِ وٺي آيا آهن ... هو هر حال ۾ پاڻ کي فاتح ڏسڻ گھرن ٿا ... حيات موت لاءِ آهي ۽ هر حال ۾ موت سان ميلو ٿيڻو آهي ... سورهيائيِ جيهو موت ته نصيب سان ملندو آهي ... اڄ اوهان هن ديس دروهين آڏو ڪنڌ جھڪايو ته قسم تنهنجي سِرَ جو آءُ هڪ اهڙي روپلي کي ڪکان جنم ڏينديس جو ڪيترائي جنم شهيد ٿيندو پر پنهنجي ديس کي آزاد ضرور ڪرائيندو...“

هوءَ اهو سڀ هڪ ساهيِءِ ۾ چئي چبوتري تان ڊوڙ پائي هلي وئي ۽ آءُ کيس حدنگاه ڏسندو رهيس ... من جو بار هلڪو ٿي ويو ... پاڻکي فاتح محسوس ڪندي پنهنجي ئي زبان کي پنهنجن ئي ڏندن سان ڪُرٽي ٻاهر اڇلائيندي پنهنجون اکيون ٻي جنم ۾ کولڻ لاءِ ڀڪوڙي ڇڏيون ...“

آءُ انگن مٿان انگ چاڙهي ويٺي سنڌي سورهيه جي ڪٿا ٻڌي ... ڪڏهن سندس ننڍپڻ جي خوشين واري حال تي ٻهه ٻهه ٿي ٿيس ته ڪڏهن سندس سوريءَ تي سور سهڻ تي سوزخوان ...

ذهن جي چرکيءَ تي انگريزي ناٽڪ ” بهادر دل Brave Heart “ جي سورهيه ڪردار ”ويليم ولس“ جو ڪردار ڦيريون پائڻ لڳو، جنهن اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ لاءِ رڻ ٻاري، ظالم حڪمرانن جو سک آرام ڦٽائي ڇڏيو هو ... پر افسوس ! هو به پنهنجن جي غداريءَ جو شڪار ٿي گرفتار ٿيو ... ظالم حڪمرانن هن سورهيه باغي کي اذيتناڪ سزا ٻڌائيندي ...علائقي جي مڙني رهواسن کي ڪٺو ڪري، سزا جا اهڙا ته ظالماڻا ۽ وحشي طريقا استعمال ڪيا جو ماڻهن رحم رحم جون صدائون بلند ڪري ڏنيون .... پر هن سورهيه زبان تي صرف هڪ ئي لفظ آندو هو :

” آزادي Freedom

۽ منهن تي مرڪ آڻيندي جام شهادت پيتو هو ...

 سلام ! اي محب وطن شهيدو .... سلام !
ڪاش اوهين هر هر جنم وٺو ... ستل قوم جي بيداري لاءِ
 
غلاميءَ جهڙي موزي مرض جي اگھائي لاءِ

Go to Top      مٿي وڃو

 

 

..

 2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk
[email protected]

This website is developed and Managed by Azaad Abro, Larkana, Sindh,Pakistan

 

 

 

 

 

قزاقن (pirates) جي عجيب دنيا...

الطاف شيخ


ملائيشيا جي ملاڪا نار، جنهن جي ڪپر تي منهنجو گهر هو اتان هڪ ٻيڙيءَ ذريعي، هتي جو هڪ سردار مون کي ملاڪا نار جي ٻي ڀر تي هڪ ويران ٻيٽ تي وٺي آيو. منهنجي چوڻ تي هن مون کي انڊونيشيا جي هڪ اهڙي خاندان سان ملائڻ ٿي چاهيو جنهن جو ابن ڏاڏن کان Piracy جو ڪم رهيو آهي. چوڌاري سوين ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ هي ٻيٽ هو، جيڪو ظاهري طرح ته انساني آباديءَ کان خالي لڳو ٿي پر پوءِ سونهين ذريعي جيئن جيئن گهاٽي جهنگل ۾ اندر گهڙندا وياسين ته پهرين رول ڪتا ۽ ڪڪڙ نظر آيا ۽ پوءِ پيرين اگهاڙين ٻار ۽ پوءِ بيحد گهاٽي جهنگل ۾ جتي ماڻهوءَ جي قد جيڏو ته گاهه هو، جهوپڙيون ۽ ملئي نموني جا گهر ظاهر ٿيا. مون کي 1987ع جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن مهيني ٻن جي موڪل تي آئون ڳوٺ آيو هوس ۽ ڀر واري ڳوٺ جو وڏيرو مون کي، منهنجي چوڻ تي، قاضي احمد واري پاسي کان هڪ وڏي ٻيڙيءَ تي جيپ رکي درياهه ٽپي سن شهر ۾ سائين جي ايم سيد سان به ملڻ ويا هئاسين ته ڪچي جي ٻيلي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڌاڙيلن سان به ملڻ ويا هئاسين. انهن جي ۽ هنن انڊونيشيا جي ڌاڙيلن جي ڪا مختلف زندگي نه آهي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جو سنڌي ڌاڙيل اسان جي معاشري ۾ انصاف نه هجڻ ڪري، وڏيرن سردارن جي ظلمن ڪري پنهنجي نارمل زندگي ڇڏي مجبور ٿي هينئن لـِـڪ ۽ ڏوهه جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ هي ملئي نسل جو سامونڊي ڌاڙيل ڪجهه بيروزگاري ڪري ڪجهه ان کي اباڻو ڌنڌو سمجهي هنن انڊونيشي ويران ٻيٽن تي لـِـڪَ جي زندگي گذاري رهيو آهي.

"اڄ جڏهن توهان جو علائقو ايڏو ته خوشحال ٿي ويو آهي جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو روزگار لاءِ هتي اچن ٿا پر توهان اهي ئي چوريءَ جا ڪم ڪندا رهو ٿا؟" مون هڪ رٽائرڊ پوڙهي چور (Pirate) کان پڇيو.

"هن سامونڊي درياهَ (ملڪا نار) جي هـُـن ڪپر واري ملڪ ملائيشيا ترقي ڪئي آهي"، هن وراڻيو، "ڪپر جي هـِـن پار اسان جو انڊونيشيا جهڙو هو تهڙو ئي آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته هي اسان جي وڏن جو ڌنڌو آهي (يعني جهازن جي ڦر ڪرڻ) ۽ هن کي اسان مردن جو ڪم سمجهون ٿا."

هن ڪراڙي رٽائرڊ قزاق مڙس جو هڪ جملو: "اسان وٽ تيسين ڪنهن کي بالـغ نه سڏيندا آهيون جيسين هو ملاڪا نار مان لنگهندڙ ڪنهن جهاز مان ڦـُـر ڪري اچي-" ٻـُـڌي مون وانگر ڪيترن کي سنڌي جي مشهور ليکڪ نسيم کرل جو افسانو "پهرين مراد" ياد ايندو هوندو. جنهن ۾ چـُـور پنهنجي پٽ کي ٿـُـڪ بـُـجو ڪندو رهي ٿو ته سڄو ڏينهن رڳو کٽون پيون ڇـِـنين. منهن ۾ڏاڙهي مـُـڇ اچي وئي اٿئي پر اڃا ڪا ڪنهن جي مينهن ڍڳي چورائي نه آيو آهين." هو پنهنجي دوستن اڳيان منهن کڻڻ جهڙو نه رهيو آهي، جيڪي هن کي هر وقت اهو ڏوراپو ڏيندا رهن ٿا ته تنهنجو پٽ اڃا بالغ نه ٿيو آهي ڇا. "منهنجا ماڻهن سان پير ڀريل آهن"، هـُـو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو، "تون جنهن پاسي ويندين توکي مدد ڪرڻ ۽ لڪائڻ لاءِ منهنجا دوست نظر ايندا!" وغيره وغيره. ۽ پوءِ هن جي پٽ کي غيرت اچي ٿي ۽ رات اندر درياهه ٽپي ڪنهن جي ٿـُـلهي متاري مينهن چورائي کڻي اچي کٽ جي پائي سان ٻڌي ٿو. صبح جو ان کي ڏسي پيءُ کي به خوشي ٿئي ٿي. "واهه جي چوري ڪئي اٿئي، ڀاڳين کي بخار چڙهي ويا هوندا." پر پٽ پيءُ جي واکاڻ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري سمهي رهي ٿو. ٿوري دير به ڪا مـَـسَ ٿي ته مـِـينهن جا مالڪ پيرا کڻي اچي هنن وٽان نڪتا. ٻاهران سڏ ٿيڻ تي پيءُ هنن سان ملڻ ويو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد اندر آيو ۽ پٽ کي ننڊ مان اُٿاري ڦٽ لعنت ڪري چيس ته تون مينهن چورائي آيو آهين سا به منهنجي دلبر ۽ بهادر دوست جي! هاڻ هو اندر چڪاس ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مون لاءِ ته ٻـُـڏي مرڻ آهي."

پٽ پيءُ سان تکو ٿيندي چيو ته "خبردار بابا جي چوري باسي اٿئي. هي منهنجي پهرين مراد آهي. گهر آيل مهمانن کي نيرن ڪرائي پوءِ وٺي اچ."

جيسين مهمان نيرن ڪن تيسين پٽ مينهن کي سير وڌي ۽ پوءِ وڏي کڏ کوٽي ان ۾ دفن ڪري مٽي ورائي مٿان کٽ رکي سمهي رهيو. هوڏانهن مينهن جي ڳولا وارا نيرن ڪري اندر آيا. هنن هڪ هڪ ڪنڊ ڳولي پر کين پنهنجي ڀلوڙ مينهن نظر نه آئي. موڪلائڻ وقت پنهنجي دوست کي ڀاڪر پائي چيو "مبارڪون هجنئي اڄ توکي پٽ ڄائو آهي."

سو هتي جي ڌرتي يعني  Malay Archipelagoجي ڪيترن  piratesجي ڪهاڻي ۽ ڪلچر ڪجهه ڪجهه ساڳيو آهي. جن ڏينهن ۾ هندستان ۾ اورنگزيب مغل بادشاهه جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن وليم ڪڊ نالي هڪ قزاق هندستان جي مالابار ڪناري وٽان لنگهندڙ جهازن جي لاءِ وڏي باهه ٻاري هئي. پاڻ انگريز هو پر هن ڌارين جهازن تي ته ڦر ڪئي ٿي پر پنهنجن کي به نه بخشيو. ڪئپٽن ڪڊ (هن قسم جا سڀ ڌاڙيل ڪئپٽن سڏجن ٿا جو اهي ڌاڙيلن جي گئنگ جا ليڊر هجڻ سان گڏ نيويگيشن جي به ڄاڻ رکن ٿا) پهرين نيويارڪ پاسي ننڍا ننڍا ڌاڙا هڻندو رهيو. وڏو دلير هو سو انگلنڊ جي حڪومت هن کي هڪ جهاز تي 34 کن توبون (Cannons) هڻائي ڏنيون ته هو مئڊا گاسڪر ٻيٽ جي اردگرد موجود قزاقن کي تباهه ڪري ۽ اتان لنگهندڙ فرانس جي جهازن کي سوگهو ڪري.

ڪئپٽن ڪڊ انگريز سرڪار کان مليل 80 خلاصي ڇڏي هڪ سؤ کن رهزن قسم جا غنڊا جهاز تي چاڙهيا ۽ خوب ڦرلٽ مچائي ۽ مئڊا گاسڪر کي ڇڏي اچي انڊيا جي ڪناري کان نڪتو ۽ فرانس جا جهاز ته ڇا پر جنهن حڪومت کيس پگهار تي رکيو هو، انهن جي به جهازن تي حملا ڪري سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال لٽيو. ان بعد مال جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهتو ته هو جهلجي پيو. کيس لوهي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري انگلنڊ پهچايو ويو، جتي هن کي موت جي سزا ڏني وئي. ڪئپٽن ڪڊ جو موت تمام خوفناڪ قسم جو ٿيو، جنهن رسيءَ سان کيس ڦاهيءَ لاءِ ٽنگيو پئي ويو، اها ٻه دفعا ڇڄي پئي ۽ پوءِ ٽئين دفعي سندس مڻڪو ٽٽي پيو ۽ موت آيس. سندس مرڻ بعد کيس تارڪول (ڏامر) ۾ ٻوڙي رسين ذريعي ٿيمس ندي مٿان لڙڪايو ويو. ڪئپٽن ڪڊ تمام مختصر عرصو قزاق رهيو پر ڏاڍا ماڻهو (جهازي) ماريائين ۽ وڏي ڦرلٽ ڪيائين. ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت سندس شعر نما تقرير تمام مشهور آهي. چي:

My name was captain Kidd، when I sail'd، when I sail'd،

And so wickedly I did، God's laws I did forbid، when I sail'd، when I sail'd

I murder'd William Moore، and Laid him in his gore،

Not many leagues from shore، when I sail'd.

Farewell to young and old، All jolly seamen bold،

You're welcome to my gold، For I must die، I must die.

Farewell to Lunnon town، The pretty girls all round،

No pardon can be found، and I must die، I must die، Farewell، for I must die.

Then to eternity، in hideous misery، I must lie، I must lie.

سترهين ارڙهين صديءَ ۾ انگريز، فرينچ، اسپيني، پورچو گالي هڪ طرف ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کي پنهنجيون ڪالونيون ٺاهيندا ويا (ٻين لفظن ۾ انهن ملڪن مان قيمتي مال جا جهاز ڀرائي پنهنجي ملڪ ڏي کڻائي پئي ويا) ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ مان- خاص ڪري اولهه واري ڪناري جي ملڪن جا ڏَٽا مـُـٽا شيدي جهلي انهن کي غلام ڪري آمريڪا وڪري لاءِ موڪليندا رهيا، جتي سندن ٻين يورپي ڀائرن کي پوک جي ڪم ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ سستو مزور ٿي کتو. آمريڪا ۾ جيڪا پوک ٿي ٿـِـي- خاص ڪري تماڪ، ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺاهي وئي ٿي، شراب ٺاهيو ويو ٿي، ڪافي وغيره ۽ کاڻين مان جيڪو سون چاندي ۽ هيرا جواهر نڪتا ٿي، انهن جا جهاز ڀري پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪليا ٿي. هي سمورا يورپي ملڪ، هاڻ سڌري پيا آهن ۽ وتن ٿا اسان جهڙن کي نصيحتون ڪندا نه ته انهن ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان هر وقت لڳي رهي ٿي. هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۽ هڪ ٻئي جون چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ لاءِ هنن پگهارن تي قزاق (سامونڊي ڌاڙيل) رکيا جن کي پوءِ ڦـُـرمان اهڙو مزو آيو جو هنن پنهنجن کي به نه ڇڏيو. مٿن ڪنٽرول ڪرڻ مسئلو ٿي پيو. انهن ئي سامونڊي ڌاڙيلن (pirates) مان هڪ چارلس بيلاني هو جنهن پوءِ پنهنجن ئي انگريز جهازن جي آمريڪا جي ڪناري وٽ ڦـُـر شروع ڪري ڏني ۽ هو ان ڦرلٽ مان ايڏو ته مالدار ۽ طاقتور ڌاڙيل ٿي پيو جو هو وقت جي حڪومتن کي چئلينج ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري آمريڪا (USA) جو ڪجهه حصو انگريزن جي قبضي ۾ هو ته ڪجهه فرينچن جي. ڪجهه ڊچن جي ته ڪجهه هسپانوي ۽ جرمن جي ۽ اهي يورپي قومون ننڍي ننڍي ڳالهه تان آمريڪا جي سرزمين تي به وڙهي رهيون هيون ته پنهنجي يورپ کنڊ ۾ به ته ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ به. سموري جنگ زمين هٿ ڪرڻ، اهم سامونڊي رستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، واپار تي پنهنجو قبضو رکڻ تي هئي ۽ انهن ڦورن حڪومتن کي ڦرڻ لاءِ وري سندن ڦورو ڌاڙيل پيدا ٿي پيا هئا. هـِـن ڌاڙيل هڪ واهه جي ڳالهه ڪئي ته انگريز حڪومت اسان کي  Scoundrels(ڦورو، ڌاڙيل) ٿي سڏي. دراصل ڦورو ته پاڻ به آهن. فرق فقط اهو آهي جو هو قانون جي ڇٽيءَ هيٺ غريب ماڻهن کي ٿا ڦـُـرين ۽ اسان انهن چور اميرن کي ٿا ڦـُـريون ۽ پنهنجي همٿ سان.

چارلس بيلاني اهو مشهور قزاق آهي، جنهن 1717ع ۾ اعلان ڪيو هو ته ،

"I am a free prince! I have as much authority to make war on the whole world."

"آئون آزاد شهزادو آهيان! مون کي به ايتري طاقت آهي جو سڄي دنيا سان جنگ جوٽي سگهان ٿو، ڀلي کڻي مخالف ڌر کي هڪ سؤ جهاز هجن ۽ وڙهڻ لاءِ هڪ لک ماڻهن جي فوج هجي..."

اڄ جي دور جو ماڻهو ان ڳالهه کي شايد ٻٽاڪ سمجهي پر ان دور جي حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ان زماني ۾ سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) هڪ خوفناڪ شيءِ هئا جن وڏن وڏن پهلوانن جي دلين ۾ به ڏهڪاءُ پيدا ٿي ڪيو. جي ڪي قزاق جيئن ته اميرن ۽ حڪومتن کي ڦـُـريندا هئا، ان ڪري اِهي ماڻهن لاءِ هيرو به هئا. اهو ئي سبب آهي جو قزاق (Pirates) تي تمام گهڻيون فلمون ٺهيون آهن جن ۾ ڪي  Horrorفلمون آهن ڪي مزاحيه ۽ رومانس سان ڀرپور.

 Piratesتي ٺهندڙ فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته 1952ع جي هڪ فلم Against All Flags ٿي ياد اچي جيڪا اسان تعليم دوران 1963ع ۾ چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي جنهن ۾ ائنٿوني ڪئن کي ڏسي اسان به مئرين اڪيڊمي جي ڏکي پڙهائيءَ کي ڇڏي ڪئپٽن بدران  Pirateٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳا هئاسين. فلم جي هيروئن مورين اوهارا ئي هئي جنهن جي هن فلم ۾ قميص هيٺان باڊي (بريزئر) نه پائڻ ڪري مغرب ۾  به وڏو گوڙ متو هو! ڪهڙو ته فضيلت وارو زمانو هو! اڄ ته پاڪستاني فلمي اداڪارائون به  kissingجا سين ڀرائيندي فخر ٿيون محسوس ڪن ۽ وزيرائون فرينچ ڪوچن کي پيون ڀاڪر پائين. بهرحال  مورين اوهارا هن فلم ۾ قزاقن جي ليڊر ۽  Pirate Shipجي ڪئپٽن ٿي آهي. انهن ئي ڏينهن جي هڪ ٻي مشهور فلم  Blackbeard the Pirateآهي. بليڪ بيئرڊ ارڙهين صديءَ جو بيحد خطرناڪ قزاق ٿي گذريو آهي سندس وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ ڪري بليڪ بيئرڊ نالو پيو. کيس مارڻ لاءِ ورجينيا (آمريڪا) جي حڪومت انعام رکيو هو. آخر ٻن ماهر نيوي جي ڪئپٽنز کي بندوقن ۽ توبن سان ٻه جهاز ڏئي وڏي فوجي عملي سان بليڪ بيئرڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هڪ ڪئپٽن ۽ ڪيترائي سپاهي مارجي ويا پر آخرڪار بليڪ بيئرڊ (جنهن جو اصل نالو ايڊورڊ ٽيچ هو) سر ڌڙ کان ڌار ڪري ورجينيا جي گورنر وٽ پهچايو ويو جيڪو ڪيترا ڏينهن بانس جي ڏنڊي تي لڙڪايو ويو جيئن قزاق بنجڻ جا شوقين بليڪ بيئرڊ جي انجام مان سبق حاصل ڪن.

- فلمن ۾  The Devilship Piratesبه گهڻي مشهور ٿي. هيءَ 1964ع جي انگلينڊ جي ائڊوينچر نموني جي فلم آهي. ان کان علاوه انگريز ليکڪ رابرٽ لوئيس اسٽيونس جي ناول ٽريزر آئلڊ تي به ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن.

قزاقن ۽ انهن جي سامونڊي ڌاڙن بابت سڀ کان بهترين ڪتاب 1724 جو ڇپيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي:

A General History of the Robberies & Murders of  Notorious Pirates.

چيو وڃي ٿو ته سامونڊي ڌاڙيلن (قزاقن) جا پنهنجا قائم ڪيل اصول (Code of Conduct) هو جنهن تي سڀني قزاقن سختيءَ سان عمل ڪيو ٿي. ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت کان سخت سزا ڏني وئي ٿي ۽ انهن سزائن ۾ عام سزا اها هئي ته ان قزاق کي بنا کاڌي پيتي جي ڪنهن اهڙي ويران ٻيٽ تي اڇلايو ويو ٿي جتي ڪوبه ماڻهو ڇيڻو نه هجي ۽ هو بـُـک وگهي مري وڃي يا کيس نانگ بلائون ۽ جهنگلي جانور چيري ڦاڙي ڇڏين. ان سزا مان ڪو خوشنصيب ئي بچي سگهندو هو.

قزاقن لاءِ سڀ جهاز هڪ جهڙا هئا، هو بنا شڪ جي دلير هئا. اسانجو اڄ جو سنڌي ڌاڙيل پنهنجو پاڻ کي وڏو پهلوان ۽ خوفناڪ  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ڌاڙا ۽ اغوائون ڪندو پر فقط پنهنجن سنڌي مسڪينن جي. پنجابي پٺاڻ کان ڪنبندو وتندو. سترهين ارڙهين صدي جي ڌاڙيلن کان وقت جون حڪومتون به ڊنيون ٿي- اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قزاقن کي ٺاهڻ ۾ به سندن هٿ هو. قزاقن جو ڪم جهاز ڦـُـرڻ هو. هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڌاڙي هيٺ آيل جهاز سندن ملڪ جو آهي يا ڪنهن دشمن ملڪ جو. ڪيترائي قزاق (Pirates) ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي بين الاقوامي شهرت جا مالڪ ۽ Legends بنجي ويا. بليڪ بيئرڊ قزاق- جنهن جنگي جهاز جي پورچوگالي ڪئپٽن کي سندس ئي ڪن، نڪ ۽ چپ وڍي کائڻ لاءِ مجبور ڪيو. هڪ ٻئي قذاق وليم ڪڊ ڦر هيٺ آيل جهاز جي سڄي عملي کي رسين سان ٻڌي سخت اُس ۾ واريءَ مٿان تيسين سڙڻ ڏنو جيسين هنن لڪل خزاني بابت نه باسيو ته هنن اهو سون ڪهڙي هنڌ لڪايو آهي ۽ ايوري نالي قزاق نه فقط ڦر ڪئي پر انڊيا جي مغل گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.

انگريز قزاق ايوري (جنهن جو سڄو نالو  Henry Averyهو، 1653ع ۾ انگلنڊ جي شهر پـِـلاءِ مائوٿ ۾ ج جنم ورتو، هي اهو قزاق آهي جيڪو پڪڙجڻ يا لڙائيءَ ۾ مارجڻ بنا، ڦـُـر جي مال سان رٽائرڊ ٿيو. ايوري برٽش نيوي ۾  Sailor(خلاصي) هو. 1671 ۾ جڏهن انگريزن جي جهازن الجيريا جي شهر الجيرس تي گولي بازي ڪئي ته ان وقت به ايوري برٽش جي هڪ جهاز تي هو. پوءِ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڪجهه وقت ڪئريبين سمنڊ تي قزاق (Pirate) ٿي سمنڊ تي هلندڙ  جهازن تان ننڍيون ڦـُـرون ڪيون. ان بعد آفريڪا جي اولهه ڪناري تي اچي غلامن جو بزنيس ڪيو. هي ۽ هن جا ڌاڙيل ساٿي ڇا ڪندا هئا جو آفريڪا جي ڪناري تان واپارين کان غلام خريد ڪري آخر ۾ انهن وڪرو ڪندڙ سيٺين کي اغوا ڪري پنهنجي جهاز تي کڻي ايندا هئا ۽ کين لوهي زنجيرن سان ٻڌي رکندا هئا. قزاق جي حيثيت سان ايوري هڪ ئي سفر آمريڪا کان انڊيا تائين ڪيو جنهن ۾ هن کي ايڏو ته مال ۽ ملڪيت ڦٻيو جو هن قزاق (هينري ايوري) جي مال غنيمت (booty) لاءِ فريزر جهڙي مشهور  ليکڪ لکيو آهي ته ايوري جو اهو سفر "The single richest crme in  historyهو.

قزاق ايوري کي وڏو مال ملڪيت هندستان جي مغل بادشاهه اورنگزيب جي جهاز "گنج سوائي" تان حاصل ٿيو جنهن کي هلائڻ وارو فتح محمد نالي ڪئپٽن هو. هن جهاز تي سون چاندي، سڪن ۽ ڳهه ڳٺن کان علاوه مغل حاڪمن لاءِ سريتون (Concubines) ۽ مسافر به چڙهيل هئا. گنج سوائي جهاز تي به توبون بندوقون هيون. ٻنهي ڌرين جي ويڙهه هلندي رهي پر آخرڪار قزاق ڪامياب ٿيا. قزاق جي انگريز هجڻ ڪري انڊيا ۾ انگريزن جي "ايسٽ انڊيا ڪمپني" جي ڪافي بدنامي ٿي جو وقت جي حاڪم "اورنگزيب بادشاهه" جي خزاني جو جهاز ڦـُـريو ويو هو. ڪاوڙ ۾ آيل اورنگزيب انگريزن جي چئن فئڪٽرين کي بند ڪري انهن جي انگريز آفيسرن کي قيد ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ اورنگزيب کي خوش ڪرڻ لاءِ برطانيا جي پارليامينٽ ڪئپٽن هينري ايوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو وعدو ڪيو ۽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ڪئپٽن وليم ڪڊ جهڙي قابل ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو ويو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ تباهي مچائيندڙ قزاق جو خاتمو آڻي.

پوءِ ڇا ٿيو؟

ڪئپٽن وليم ڪڊ پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو؟ شايد هو پنهنجي حساب سان ٿيو- جو هو ماڳهين پاڻ به وڏو قزاق (Pirate) ٿي ويو-- ۽ سمنڊ تي هلندڙ جهازن تي ڌاڙا هڻڻ لڳو. ان بابت يعني ڪئپٽن ڪڊ (Captain Kidd) جو احوال شروع ڪري چڪو آهيان.

 

Go to Top      مٿي وڃو

 2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk
[email protected]

This website is developed and Managed by Azaad Abro, Larkana, Sindh Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

Hosted by www.Geocities.ws

1