آئون احمد سومرو اوهان
کي ”سنڌي ڪمپيوٽنگ ويب سائيٽ“ تي ڀليڪار چوان ٿو.
اڄ کان ڪجهه سال پهريان 2001ع ۾ مون دنيا جي پهرين مڪمل سنڌي ويب
سائيٽ ”سنڌي ساهت“ جي نالي سان جوڙي هئي. پر ان دور ۾ ڇاڪاڻ ته
سنڌي يونيڪوڊ جو ڪو تصور ئي نه هو ۽ اها سائيٽ جڳاڙي انداز ۾ ٺاهيل
هئي، تنهنڪري سائيٽ کي مڃتا
۽ مقبوليت حاصل ٿي نه سگهي. ان کان پوءِ مان ڪجهه عرصي تائين ويب
جي دنيا کان ڪٽيل رهيس ۽ ان وچ ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سلسلي ۾ تمام
گهڻو ڪم ٿيندو رهيو - اڃان ٿيندو پيو رهي ۽ انشاءَ الله سدائين
ٿيندو رهندو... (آمين)
مون جڏهن ٻيهر انٽرنيٽ جو استعمال شروع ڪيو ته منهنجي اندر اها
خواهش پيدا ٿي ته انٽرنيٽ تي پنهنجي پاران ڪو اهڙو پليٽ
فارم جوڙيان، جتان سڀئي سنڌي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ فائدو حاصل ڪري
سگهن. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي مون هن ويب سائيٽ کي تيار ڪيو
آهي.هن سائيٽ مان اوهان سنڌي سافٽ ويئر (ونڊوزXP
لاءِ)، خوبصورت سنڌي فونٽ (ونڊوزXP
لاءِ) ۽ سنڌي ڊيسڪٽاپ والپيپر مفت ڊائون
لوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا. ان کان سواءِ ٻيون
به ڪيتريون ئي ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ آهن، جن کي انشاءَ الله آهستي
آهستي عملي جامو پهرائي هن ويبسائيٽ کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪندو رهندس.
اميد ته منهنجي
هيءَ ننڍڙي ڪوشش اوهان سڄڻن کي پسند ايندي. پنهنجي راين کان مون
کي
ضرور آگاهه ڪجو ته جيئن اڳتي اڃا وڌيڪ بهتر ڪم ڪري سگهان ۽ پنهنجي
مٺڙي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم سٺي طريقي سان
پورو ڪري سگهان.
توهان پنهنجا رايا ۽ مشورا مون کي اي.ميل ذريعي موڪلي سگهو ٿا.
”رابطو ڪريو“ واري صفحي ۾ اي.ميل ايڊريس ۽موبائيل فون نمبر ڏنل آهي. ان کان سواءِ هڪContact Form به ڏنل آهي، جنهن ذريعي اوهان
هن سائيٽ ۾ رهندي ئي پنهنجا پيغام موڪلي سگهو ٿا.