|
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين |
![]() The easiest way to connect Sindhis |
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار |
سنڌ جي جون آف آرڪ
آزاد سنڌي
هن جا سري ۾ بنگلا آهن. هوءَ ڪرپٽ ترين حڪمران آهي. هن تي نيڪليس خريداري جا ڪيس آهن. هن جي مڙس کي مسٽر ٽين پرسينٽ سڏيو ويو. هن تي ڪيس ڪنهن وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙيا ويا. نوازشريف جي دور ۾ سينيٽر سيف الرحمان جي سربراهي ۾ جوڙيل نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو يعني بدنام زمانه نيب جو ڪم ئي اهو هوندو هو ته ڪٿان به ڪيئن به هن تي ڪيس داخل ڪريو، ۽ سدوري سيف الرحمان ساري سرڪاري مشينري هن جي خفيه اڪائونٽس جو جونانگ جي پير وانگر ڪو پتو کرو ئي نه هو،ڳولڻ ۾ لڳائي ڇڏيا. هوءَ جا هوائن جي ديس جي راڻي هئي، هوءَ جا سنڌ لاءِ وينگس هئي، يا هن کي سنڏ جي ”جون آف آرڪ“ چئجي يا سنڌ جي هزارين ورهيه قديم موهن جي دڙي مان نڪتل سنبارا يا ٻاگھل چئجي، هن تي ايتريون سختيون هوندي به هن نه صرف وساه قائم رکيو پر پاڻ مٿان لڳل الزامن جي ترديد به ڪئي. پر اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ ڄائي مٿان ڪوبه ڪيس ثابت نه ٿي سگھيوآهي ڇوته اهو سڀ اسٽيبلشمينٽ جو مشن هيو ته جيئين سنڌ جي هن جون آف آرڪ جي لوئي کي لڄايو وڃي، کيس ذهني طور ٽارچر ڪيو وڃي، کيس قانون جي بالاتريءَ جو احساس ڏياريو وڃي توڙي جو پاڪستان جو قانون ڪوريڙيءَ جو ڄار آهي، جنهن ۾ مک ڦاسندي آهي ۽ ڍڳو ڳن جا بکيا اڊيريندو آهي. ها مان پورب ڃائي بينظير ڀٽو جي ڳالھ ٿو ڪريان، جنهن کي فوج جي اڏي ۽ هاءِ سڪيورٽي زون ۾ رات جي رهزنن گوليون هڻي شهيد ڪيو، ڪجھ پل تائين اڳ مرڪندڙ مک، خزان جي گلاب وانگر مرجھائجي ويو، يا کڻي چئجي سنڌ جي دل جي ڪتاب ۾ رهجي ويو. خدين کان سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته ” جڏهن ڪڏهن ڙي سنڌڙي توکي قنڌاروُن جوکو“ ڇاڪاڻ ته سائين سنڌ فرنگين ۽ ڌارين هٿان اجاڙبي رهي آهي. هن وقت به گورنمينٽ مشينري چئي رهي آهي ته قاتل هڪ پٺاڻ آهي. ڀلي ارا ۽ پلان ڪنهنجا به هجن پر قتل هٿ هڪ پٺاڻ جو ظاهر ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اها هڪ سازش به ٿي سگھي ٿي ته جيئين اصل قاتل دٻجي وڃن.
سنڌ جي جون آف آرڪ شهيدن جي ان چوياري جو حصو آهي جنهن ساه ڏيئي ويساه قائم رکيو. شهيد زوالفقار علي ڀٽو، جنهن سنڌي پٽڪي ۽ اجرڪ واري ماڻهو کي شهر جو رخ ڪرايو، جنهن ٿر جي واريءَ ۾ رهندڙ ۽ ڀٽ ڌڻين کي ڳالهائڻ سيکاريو. غلامن کي پنهنجا حق وٺرائڻ سيکاريو، پوري دنيا ۾ پنهنجي حيثيت کي مڃرايو. پر انهن ظالمن جي ننڊ ان وقت ئي پر ڪري اڏامي وئي هئي جڏهن هنن 1971 ع واري جنگ جي دوران سڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪيل ڀٽي صاحب جي تقرير ٻڌي. ڀٽي جي تقرير ڇا هئي ڄڻ ته جالا مکي هيو.
اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ اسان سنڌين کي ڪڏهن پنهنجو سمجھيو ئي ناهي. جنهنجو هڪ سبب سنڌي اڳواڻن جي گھڻ پڙهائپ، عقلمندي ۽ ذهانيت به آهي. جڏهن هو ڳالهائيندا آهن ته قديم دراوڙي عالمن جي تقريرن وانگر درياهن جا رخ ڦيري ڇڏيندا آهن. سنڌو مها ساگر جي ڇولين واري رواني تقرير ۾ صرف سنڌي ئي پيدا ڪري سگھندا آهن پوءِ ڀلي اهو ذوالفقار ڀٽو هجي يا عبدالواحد آريسر هجي، جون آف آرڪ بينظير ڀٽو هجي يا رسول بخش پليجو هجي، اهي سڀئي پاڪستان ته ڇا پر دنيا کي هلائي ڇڏيندا آهن. دنيا سوچيندي آهي ته هي قوم ڪهڙي قوم آهي جيڪي ڳالهائن ٿا ته خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي.
سنڌ جي راڻي، راولپنڊي جي ڪوس گهرمان، جٿان اڳ ۾ ذوالفقار ڀٽو به ڪسجي (شهيد) ٿي آيو هو، شهيد ٿي سنڌ جي ڪربلا ڳڙهي خدا بخش ۾ اچي هميشه لاءِ آرامي ٿي آهي. سنڌ شهيدن جي ڌرتي بڻجي وئي آهي. پوري تواريخ ۾سڀني قومن کا وڌيڪ سنڌ کي ئي شهيد مليا آهن. آخر هي بدنصيبي جي ڌوڙ سنڌ جي سينڌ ڪيسيتائين ميري ڪندي رهندي. ڪيسيتائين اسان پنهنجي قائدن جا لاش عيسيٰ صليب وانگر کڻندا رهنداسين، ڇا سدائين سنڌي پنهنجا دريا خان، دودا، ڏاهر، ذوالفقار ، بينظير جا لاش ڍوئيندا رهندا يا اهڙو ڪو وقت اندو جو سنڌ جو سمورو ڪروڌ جوالا مکي بڻجي، ڪنهن هوشوءَ، هيمونءَ، بينظير يا مير مرتظيٰٰ ، يا اڳتي دولھ دريا خان ئي ايندو ۽ هڪ ڪائناتي نعرو ” مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ هڻندو ۽ گھري ننڊ ستل سنڌي ماڻهو ڪر کائي جاڳندو ۽ پنهنجي زنگ ورتل ڪهاڙي کي سيري ويري جي ڪنڌن ۾ لابارو وجھندو ۽ ڪيترن ئي بينظيرن، ڀٽن، دريا خانن جو پلئو ڪندو. جيئن مرشد ڀٽائي فرمايو آهي ته
کپر کهوڙين سي، وڏو وڌئي وير،
نانگ ن وندي نڪري توڏر مٿان آ پير،
هي تن جو دير، جونا ڳڙھ جن جلايو.
| .. |
|
2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk This website is developed and Managed by Mazhar Ali Abro, Larkana, Sindh,Pakistan |