|
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين |
![]() The easiest way to connect Sindhis |
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار |
|
|
|
ڊاڪٽر ايوب شيخ |
|
مالڪي ۽ حاڪميت کانسواءِ سنڌ ڇاهي؟ |
|
ڇا ان مائي رحيمان کي اها خبر آهي ته ترقي ڇا ٿيندي آهي، جنهن پنهنجي حياتي جا 80 سال ڪراچي جي بيٽن تي گذاريا آهن جن جي مالڪي ۽ ترقي بابت وڏو مسئلو پيدا ٿيو آهي. جڏهن سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته ”ترقي مالڪي کان اهم آهي“ساڳي طرح سنڌ جي وڏي وزير سميت انهن سمورن ماڻهن کان جي پڇجي ته وري انگريز اچي هتي ”ڪمپني جي حڪومت“ ٺاهين ۽ سڄي پاڪستان کي ترقي وٺائين ته ڇا هو پاڪستان کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيندا؟. اهم سوال ترقي جو آهي يا آزادي جو؟ ترقي اهم آهي يا آزادي؟ مالڪي سميت ترقي اهم آهي يا مالڪي بنا ترقي؟ هڪڙي جهوپڙي هجي يا ڪو گهر، فليٽ يا بنگلو، ڪا زمين يا ڪاروبار ڇا ان جي مالڪي کي ڇڏي ٻين کي ڏئي رڳو ان دليل کي ”اهم“ بنائجي ته ٻيا مالڪ اچي ترقي ڪرائيندا ته پوءِ انهن کي پنهنجا گهر ڏئي ڇڏبا ڇا؟ پوءِ ملڪن جي آزادي کان وٺي قومي آزادي جون سڀ تحريڪون ۽ انهن جي تاريخ کي ڪيڏانهن ڪندئو؟ سڀاڻي ڪنهن گهڻ ملڪي عمارتي ڪمپني کي ان جي مالڪي جي سند ڏئي ڪجهه پيسا هٿ ڪري جيڪي ڪجهه ڪيو ويندو ڇا اهو پاڪستان سان انصاف هوندو؟ پوءِ هڪ ملڪ هجي يا ڪنهن ماڻهو جي ڪا ننڍڙي ڀونگي هجي ان جي اهميت ته هڪ جيتري رهي ٿي. مسئلو جاءِ يا ملڪ جي قيمت ۽ ترقي جو هجي ها ته سڄي دنيا جا غريب ملڪ پنهنجو پاڻ کي آميريڪا، روس ۽ چين وٽ گروي رکي خوشحآ: ٿيا پيا هجن ها. ٻيو ته ڇڏيو، گذريل سال چين آميريڪا جي توانائي واري سڀ کان وڏي ڪمپنيENERCONجا سڀ کان گهڻا شيئر عام نيلامي واڪ ۾ حاصل ڪيا هئا، پر آميريڪا جي مالڪي واسطي سوال ٿيو ته ”ڇا آميريڪا چين جي ٻوڏ کي روڪي سگهندي ۽ پنهنجي انرجي سيڪٽر کي ان وٽ گروي رکي ترقي ڪري سگهندي؟“ جواب آيو ته نه. سمجهاڻي لاءِ وڌيڪ چيائون ته ان قسم جون ”حرڪتون“ نه ڪرڻ گهرجن. سو، ٽن کرب دالرن جو اهو سودو واپس ان ڪري ڪيو ويو ڇو ته آميريڪا سمجهيو هو ته ان سان سندس ” آزادي“ خطري ۾ پئجي ويندي. سو، آزادي جي تحريڪن وسيلي ماڻيل پاڪستان جي آزادي اهم آهي يا 43 ارب دالر جيڪي اسانکي ”دبئي ورلڊ“ نالي اڏاوتي ڪمپني ڏيندي؟. وطن ۽ وطن دوستي کان لاپرواهه ۽ لاتعلق ماڻهن جو اهو سوال آهي ته ”ڀلا، جي ڪا ڪمپني اتي اچي ترقي ڪندي ته ان ۾ اسان ارها ڇو آهيون؟ ٻيو ته ڪابينا ، وزيراعظم، پورٽ جو وزير، ڪامورا اها صلاح بيهارين ٿا ته پوءِ اسان کي آخر تڪليف ڪهڙي آهي؟ انهن بي خبر ماڻهن کان پڇيو وڃي ته جڏهن گوادر جي مالڪي ذري گهٽ بحرين وٽ هئي، اتي جا ماڻهن کي نوڪريون به ملنديون هيون، بحرين جي فوج ۾ به ملازمتون کين ئي مليون هيون ته پوءِ پاڪستان سرڪار ان گوادر کي ڇو خالي ڪرائي پنهنجي مالڪي بحالي ڪرائي هئي؟ جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ وڏي ۾ وڏو ٽڪراءُ ۽ تڪرار آهي ئي ڪشمير تي ۽ جي سڀاڻي ڪشمير جي ”ترقي“ بابت انڊيا ڪي حلف کڻي، وعدا ڏئي، اڏاوت ڪرائي ته ڇا اها ڳالهه به اسانکي منظور هوندي؟ ڪڏهن به نه ۽ هجڻ به نه گهرجي. پوءِ جي ڪشمير لاءِ اسانجو اهو موقف آهي ته ان جهڙو موقف اسان پاڪستان ٺاهڻ واري سنڌ لاءِ ڇو نه ٿا استعمال ڪريون؟ هڪڙو سوال سنڌ سرڪار پاران ٿي رهيو آهي، جنهن جو اظهار گذريل ڏينهن 13 ڊسمبر تي صوبائي وزير عرفان الله خان مروت ڪيو آهي ته ” جيستائين مرڪز ۽ صوبي جي مالڪي بابت سوال حل نه ٿو ٿئي، تيستائين اتي ڪابه سرگرمي نه ڪئي ويندي“. سنڌ جي گادي جنهن لاءِ 1980ع کان مشهور ٿيندو آيو آهي ته اتي هانگ ڪانگ جي خاتمي کانپوءِ ”فري پورٽ“ ٺاهيو ويندو ته جيئن ڏکڻ ايشيا جي ان ”شهرن جي ڪنوار“ جي نالي سان مشهور ٿيل ڪراچي ۾ هر ماڻهو ڪنهن به ٽيڪس ۽ ٽينشن کان آزاد ٿي ”فري“ اسٽائيل زندگي گزاري سگهي. جنرل ضياالحق جي وقت ۾ سياست هڪ پاسي ۽ سرڪار ٻئي پاسي هئي. ماڻهو سياست سان گڏ هئا تنهنڪري سرڪار کان اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو ايستائين جو 1997ع ۾ هانگ ڪانگ 99 سالن جي ليز پوري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سرداري مٿان انگريزن جو پٽڪو پيرن ۾ لاهي چين جو سرخ بيج پنهنجي سيني تي هڻي ڇڏيو. جڏهن دنوي حاڪمن ڏٺو ته پاڪستان کان اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو ته هنن ڀارت جي شهرن بنگلور ۽ حيدرآباد کي ”فري اسٽائيل“ بنائي ڇڏيو. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هانگ ڪانگ چين جو تاريخي حصو هيو. انگريز ان تي قبضو ڪيو هو. ان ۾ بي پناهه ترقي به وٺرائي هئي. ايستائين جو هانگ ڪانگ اوڀر ايشيا جو اهو خطو ٿي پيو جتي هر نراسيل جوان جي جنسي آسودگي تائين سڀ مسئلا حل پئي ٿيا، سڄي دنيا جا سرنديءَ وارا ناراض نوجوان ڪنهن مقدس جاءِ بدران هانگ ڪانگ جو چڪر ضرور لڳائيندا هئا. پوءِ دنيا جي قديم تهذيب جي رکوال ملڪ چين پنهنجي شيءِ پاڻ وٽ رکڻ لاءِ 1997ع واري سال ليز پوري ٿيڻ شرط اتي پنهنجو جهنڊو چاڙهي ڇڏيو. سو، ترقي بدران مالڪي کي بنياد بنايو ويو. سنڌ جي گادي ڪراچي ۾ ٺٽي ويندڙ روڊ تي پورٽ قاسم جي گودين سان لڳندڙ ٻه ٻيٽ ”ڀنڍار“ ۽ ”بڊو“ آهن. انهن ٻنهي ٻيٽن لاءِ ايم ڪيو ايمي تعلق وارو بندرن ۽ اڏن جو منسٽر بابر غوري چوي ٿو ته ”ستر سيڪڙو زمين سمنڊ پائي ويو آهي، باقي اسان 30 سيڪڙو زمين دبئي جي ؟عمار“ ڪمپني کي ڏني آهي.“. ان علان کان ٻئي ڏينهن تي سنڌ سرڪار ۾ سڀ کان اول ان جي چيف منسٽر ٻن ڏينهن ۾ پنهنجا ٻه ويچار ڏنا. پهرين ڏينهن وفاقي سرڪار جي فيصلي تي سخت برهمي ڏيکاريندي اعلان ڪيائين ته ”اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انهن جي باري ۾ فيصلو به سنڌ ڪندي“. جيئن آميريڪا جا عملدار اسانجي صدر کي فون ڪري حال احوال ڏيندا وٺندا آهن تيئن اسانجي چيف منسٽر کي هڪ فون مڪمل تسلي ڏني ۽ ٻئي ڏينهن اعلان ڪيائون ته ”مالڪي ترقي کان وڌيڪ اهم ناهي“.سو، سنڌ سرڪار وٽ پنهنجا ٻيٽ سنڀالڻ ۽ انهن جي ترقي واسطي ڪو متبادل ڪونهي پر جي اهوئي سودو سنڌ سرڪار جي ٽيبل تان ٿيندو ته پوءِ شايد اعتراض جي ڪهاڻي پوري ٿيندي. جاگرافيائي طور ٻيٽ پاڻي جو چوڌاري وڪوڙيل زمين هجي ٿي. جيئن آفريقا، آميريڪا، اوڀر ايشيا ۾ ڪيئي ٻيٽ آهن، تيئن سنڌ جي گادي واري شهر ۾ به سموند اندر ڪيئي خشڪ زمين جا بي بها، انتهائي قيمتي ٽڪرا آهن جيڪي ماپ ۾ ڪل ملائي43 هزار ايڪڙ ٿين ٿا. ان جو مطلب هي آهي ته اسان جي وفاقي سرڪار هڪ هزار ايڪڙ زمين في هڪ ارب ڊالرن ۾ وڪرو ڪئي آهي. جنهن مان کيس 43 ارب ڊالر ملڻا آهن.انهن ٻيٽن جي ترقي ته سرڪار کي پاڪستان ٺهڻ کان ئي ڪرڻ گهربي هئي پر اسان جي ان سوال تي سموريون حڪومتون خاموش ٿي وينديون، ان ڪري اهي سمورا ماڻهو جيڪي ”مالڪي“ ، وطن دوستي“ ”آزادي“ وعيرهه کان لاتعلق آهن تن جي خوابن ۾ ڪراچي جي ٻاهران هڪڙو هانگ ڪانگ پيو اڏجي، جتان مائي رحيمان کي لڏائي، ان جون جهوپڙيون رک جي حوالي ڪري ان کي مالڪ هجڻ جي سزا ڏئي ماليءَ جون نيون سندون ورهايون وينديون. پر، اهو سوال ته پنهنجي جاءِ تي موجود هجي ٿو ته آخر ڇا ٿيڻ گهرجي؟ هن دنيا ۾، هن پاڪستان ۾ ۽ سنڌ ۾ ان راءِ جا ماڻهو اڪثريت ۾ آهن جيڪي سوچين ٿا ته ٻيٽن جي سودي بدران مالڪي برقرار رکندي ”ٺاهي، هلائي مالڪ کي واپس ڏئي وڃڻ“ سرشتي Built Operate and Transfer هيٺ معاهدا ڪرڻ گهرجن. انهن معاهدن ۾ اها ڳالهه اهم هجي ته اقن زمين جا مالڪ اهي ئي ماڻهو لکايا وڃن جيڪي ان سرزمين تي رهن ٿا. نه وڌ نه گهٽ. ان معاهدي ۾ ان ڳالهه جو مڪمل آٽوميٽڪ سسٽم موجود هجي ته جيڪا به ڪمپني انهن ٻيٽن تي اڏاوتون ڪندي انهن جو فائدو سنڌ کي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي پوڻ گهرجي. اسان ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڏٺو آهي ته زمين مان تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون جن کي پڻ ليز هجي ٿي اهي ان علائقي جي مسجدن مان ٻانگا به سنڌي رکڻ کان لنوائين ٿا. ڇوته هنن کي اهو ڪنهن نه ٻڌايو آهي ته ڪو سنڌي به ٻانگ ڏئي سگهندا آهن، ٻيو ته هنن کي اهو پڻ وسري ويندو آهي ته هتي ”اسلام سڀ کان اول سنڌ ۾ آيو هو“. سنڌ جو وڏو وزير داڪٽر ارباب غلام رحيم جيڪو پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ اڄڪلهه بيتاب نظر اچي ٿو جو هو اها ڳالهه ڪري ويٺو آهي ته ”ڏسئون ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جا ماڻهو هن کي ڪهڙي موٽ ٿا ڏين“. اسان سنڌ جي وزيراعلي کي ايترو چئي سگهئون ٿا ته ڏسئون ته هو سنڌ جي مالڪي جي باري ۾، سنڌ جي تعليم، صحت، روينيو، ٻيٽن بابت ۽ حاڪميت جي حق باري ۾ ڪهڙي موٽ ڏئي ٿو؟ سنڌ جا عوام عزت به ڏئي ڄاڻن ۽ هيڏي وڏي محنتن کانپوءِ ون يونٽ جي هڪ ڪارنهن تي ماڻهو وسارڻ ۽ ڌڪارڻ به ڄاڻن ٿا. مالڪي ۽ حاڪميت کانسواءِ سنڌ ڇاهي؟ سنڌ جون سموريون پارٽيون، اين جي اوز، وفاقي سرڪار ٻيٽن بابت ”ٺاهيو، هلايو،واپس ڪريو“ واري فارمولا کي مناسب سمجهن ٿا ته پوءِ ان بابت پنهنجا خيال سنڌ جي عوام توڙي سرڪار کي ٻڌائين، جيئن اسان پنهنجا حق ۽ ملڪيتون بچائي سگهئون |
| .. |
|
2007-2008 Copyright © Mehranmag.tk This website is developed and Managed by Mazhar Azaad Abro, Larkana, Sindh,Pakistan |