|
|
|
LEGACY: Tryst with destiny
By Shahzad Raza
|
|
By Kaiser Bengali
BENAZIR
Bhutto is dead, martyred by a hired assassin’s bullets
in the cause of the struggle for the rights of the
people and in challenging the hegemony of a coterie of
vested interests that is feeding itself off the sweat
and blood of the people. (This column is published in daily dawn of Pakistan on 6th January 2007)
|
Pelosi Statement on Bhutto Resolution
It is very unusual for the Speaker of the House to take to the floor, but Ms. Pelosi moved to condemn Pakistani government voice of actions and back an international investigation of the assassination:
WASHINGTON, Jan. 16 ,2008
Speaker Nancy Pelosi spoke on the House floor this morning in support of a resolution condemning the assassination
of former Pakistani Prime Minister Benazir Bhutto and supporting the democratic hopes of the
people of Pakistan.
Below are her remarks:
"It was about 15 years ago that Benazir Bhutto came to this chamber of Congress, one of the
first women ever to address a joint session of Congress. She was only in her thirties, I believe,
at the time. She inspired us; she filled us with hope and the confidence which she projected; she
gave us the confidence that democracy could come to Pakistan. That was a while ago, and much has
transpired since then. She been in and out and in again as prime minister, and as you know, when
she returned to Pakistan, it was to participate in an election, to take Pakistan back down the path
to democracy.
"Her return was courageous. It was courageous for many reasons. It's important to note that her
father and two of her brothers had been assassinated. They were victims of political violence and
of course, their family was dealt another blow as were the people of Pakistan with the brutal assassination
of Benazir Bhutto.
"She possessed a remarkable optimism about the future, a belief in the power of dialogue, and a strong commitment
to democracy. She was an advocate for reconciliation, between Islamic and non-Islamic societies, and outlined how
that goal could be achieved. She not only had a vision, she had a plan on how it would be done. The strength
of her message and hope has underscored how much we lost in her tragic death. "In the days and weeks that have followed Benazir Bhutto's death, there has been little good news from Pakistan.
The Musharraf government continues to deny the Pakistani people a full accounting of the assassination and
the events that followed. There must be a strong international investigation of this despicable crime. I acknowledge
and recognize that the government has accepted assistance from Scotland Yard and the government of Great Britain.
But the government has delayed scheduled parliamentary elections while continuing to jail democratic activists, 3
suppress journalists, and shut out international monitors.
"The Bush Administration must continue to press the Pakistani government to ensure that the coming election is free
and fair. It is important to note, my colleagues and Madam Speaker, that the 9/11 Commission recommendations, which
were passed by this body and were signed into law last year, conditioned U.S. assistance to Pakistan by the
cooperation on Pakistani government with global efforts against terrorism. Since 2001, Pakistan has received nearly $10 billion in U.S. assistance. The Bush Administration has repeatedly certified that our assistance would facilitate Pakistan's transition to democracy.
We clearly have not seen enough progress in this area. "Troubling questions have been raised about our assistance to Pakistan that it has not been properly monitored
and that the Pakistani government may be using it for purposes other than those that were intended. Last year,
under the leadership of Chairwoman Nita Lowey and Ranking Member Frank Wolf of the Foreign Operations Subcommittee
of Appropriations, our legislation shifted economic assistance for Pakistan from going directly to the Musharraf
government to going directly to the Pakistani people on the ground. Indeed, this was a step forward and a recognition of the concerns that we have about how that aid was being used in Pakistan. "I believe the best way the United States can honor the legacy of Benazir Bhutto is to renew our engagement directly with the
people of Pakistan. We urge the Musharraf government to implement democratic reforms by restoring the Pakistani constitution,
ensuring freedom of expression and assembly, guaranteeing free and fair democratic elections, and restoring independent judiciary.
"The opportunity Mr. Ackerman, Ms. Ros-Lehtinen, Congressman Lantos, and Mr. Pence have given us today, to give an overwhelming
vote in support of this resolution, can tell the world that we have again gone on record in support of the democratic hopes of the
Pakistani people and to pay tribute to the legacy of Benazir Bhutto.
"I know I speak for all Members when I express my condolences to the
family of Benazir Bhutto, but also to all the others who have lost their loved ones in this tragic incidence of violence and assassination in Pakistan."
| . |
|
2007-2008Copyright © Mehranmag.tk This website is developed and Managed by Mazhar Ali Abro |
|
Garhi Khuda Bux Dispatch M.B. kalhoro |
لاڙڪاڻي واسين اهو لکي ڪو نه لڌو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي پنڪي لاڙڪاڻي جي 23 ڊسمبر واري اسٽيڊيم جي خطاب کانپوءِ وري موٽي اچي ٻيو خطاب نه ڪري سگهندي. ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي، سڄو اسٽيڊيم ڀريل، ريل بند تي ماڻهو بيٺل محترمه بينظير ڀٽو جي استقبال لاءِ آتا ۽ هوءَ پنهنجي خطاب کي ان تي ختم ڪري ته ”زندهه هي ڀٽو زنده هي، تم ڪتني ڀٽو ماروگي هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا“ اُهي نعرا، جوش ۽ جذبو اڄ به اکين ۾ تري ٿو اچي ۽ اُهي زوردار نعرا اڄ به ڪنن ۾ ايئن ٻُري رهيا آهن، جيئن هوءَ زندهه هجي.
هوءَ لاڙڪاڻي واري جلسي جي خطاب کانپوءِ پنهنجي مشن تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خطاب ڪندي وڃي راولپنڊي پهتي، جتي آڪٽوبر 1951ع ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو ۽ سڏ پنڌ تي اُهو جيل به آهي،جتي ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم لاڙڪاڻي واسي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو هو.
لاڙڪاڻي ۾ محترمه تي گولين هلائڻ ۽ بم ڌماڪي جي خبر وڄ جيان ڪڙڪي ڪري ۽ آخر اها پڪ ٿي ته هوءَ هن اندوهناڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي، ڏسندي ڏسني اک ڇنڀ ۾ لاڙڪاڻي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ شهرين گهڙي پلڪ ۾ پاڻ مرادو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ۽ رات وچ ۾ ڳوڙ شروع ٿي ويا. ڄڻڪ لاڙڪاڻو جذباتي طور تي ٻري اٿيو ۽ ماڻهن کي ڪا خبر نه پئي پئي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ گهڙين ۾ ڇا ٿيندو. چوڌاري باهيون هيون، لٽ مار هئي، (جيڪا گهڻو تڻو ڏوهاري ماڻهن ڪئي)، بينڪون لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جليون ۽ حڪومت وقت اکيون بند ڪري تماشو ڏسي رهي هئي. هڪ طرف هي ماتمي ماحول هو ته ٻئي طرف ضلعي حڪومت جي بي وسي ته ان اهڙا انتظام ئي نه ڪيا، جنهن سان شهرين جي جان مال جي حفاظت ڪري سگهجي. شهر ٻري اٿيو، ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هو ته نيٺ اسان کي پنهنجي محبوب رهنما ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ هاڻوڪي حڪومت لاڙڪاڻي کي ٻيو تحفو ڏنو آهي. اڄ (جمع 28 ڊسمبر) تي اتان جون مائرون ڌوڙ مٿي ۾ وجهي، مٿي اُگهاڙي ”ياحسين، ياحسين“ ڪنديون مزار طرف اچي رهيون هيون ۽ روئيندي پار ڪڍندي مزار اندر وڃي اُها جاءِ ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ ڏسي رهيون هيون، جتي بينظير ڀٽو کي آخري ديدار کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. چوڌاري غم جي چادر ۾ ليٽيل هي ننڍڙو ڳوٺڙو خبر ناهي ڪهڙا خواب آڻيندو هوندو، جڏهن هوءَ (محترمه) ڏيهه وري هئي ۽ ان تاڃي پيٽي تي خبر ناهي ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڪنهن ظالم پئي ٽوڙيو هوندو. مون کي اتي اکر ڪو نه ٿا ملن، جنهن سان اتي ايندڙ عوام جي چهرن تي آيل ريکائن کي ڪو نانءُ ڏئي سگهان. اَسُر ڏئي اٿيل وڏي وٺ وٺان کانپوءِ ڪا سواري هٿ آئي مان وڃي نئين ديري پهتس. ان هائوس تي جتي ڪلهه خوشين جا ميلا هيا، اُتي اڄ تڏو وڇايل هو. آصف زرداري رش وڌي وڃڻ ڪري نيٺ ٻاهر نڪري آيو ۽ تڏي تي ماڻهو سوڳوار ماحول ۾ روئي، اوڇنگارون ڏئي رهيا هئا ۽ هڪ غم گاڏڙ غيريقيني ۽ غصي واري ڪيفيت هئي. شهر ۾ خبر ناهي ڪٿان اچي خلق پرتي. اهڙي صورتحال ۾ مون اهو بهتر ڀانيو ته ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي جو رخ ڪجي ته هن وڌندڙ رش ۾ ڪنهن به قسم جي رپورٽنگ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي. ڳڙهي ڏانهن ويندي شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن تي خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جون 10 بوگيون ۽ انجڻ سڙيل بيٺيون هيون. ماڻهو پيادل ۽ کين جيڪا سواري هٿ اچي رهي هئي، ان ۾ ڳڙهي لاءِ روانا ٿي رهيا هئا. ان اعلان کانپوءِ ته محترمه بينظير ڀٽو کي جمعي نماز کانپوءِ اڍائي وڳي ڌاري پنهنجي والد محترم ذوالفقار علي ڀٽي جي پيرانديءَ کان دفنايو ويندو، رش اڃا به وڌيڪ ٿيڻ شروع ٿي ۽ سڀ جو رخ ڳڙهيءَ ڏانهن هو. نيٺ حد اتي وڃي پهتي جو ڪنهن به گاڏيءَ وسيلي ڳڙهي پهچڻ مشڪل ٿي ويو. چڪلالا ايئربيس تان سي 130 جهاز ذريعي مڙهه کي آصف زرداريءَ ۽ ٻارڙن سوڌو سکر ايئرپورٽ تي آندو ويندو ۽ پوءِ اتان هيليڪاپٽر ذريعي موهن جو دڙو ۽ پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو صحافين جا گروپ ڪي هت ڪي هُت، نيٺ لاڙڪاڻي جي موهن جو دڙو هوائي اڏي تي هيليڪاپٽر 4 لڳي 20 منٽن تي لٿو ۽ پوءِ مڙهه کي 21 گاڏين جي قافلي ۾ هڪ ايمبولينس ۾ رکي نئون ديرو پهچايو ويو. لاڙڪاڻو شهر سراپا احتجاج هو. هر طرف تباهي هئي ۽ نئين طرف وڃڻ لاءِ ڪا سواري ڪا نه هئي. هاڻ ماڻهو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪڏهن ٿا محترمه کي کڻي اچن ته جيئن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪجي. نيٺ نماز (جمع کانپوءِ) ايمبولينس ذريعي محترمه بينظير ڀتو جو مڙهه ڳڙهي خدا بخش آندو ويو. مڙهه جنهن ايمبولينس ۾ آندو ويو، ان جو نمبر 6029 هو ۽ ان جو ڊرائيور قربان علي ٻرڙو هو، جيڪو اها ايمبولينس هلائي رهيو هو. پوءِ اها خورشيد جوڻيجي (لاڙڪاڻي ضلعي جي اڳوڻي ناظم) پئي هلائي، جنهن ۾ چئن ڊاڪٽرن افضل ابڙو، انصاف مگسي ۽ ارشاد علي تنئي جي هڪ ٽيم موجود هئي، محترمه جي مڙهه کي بخشيه مسجد جي ڏوليءَ ۾ آندو ويو ۽ پ پ جي ٽه رنگي جهنڊي ۾ ويڙهيل هئي، جنهن مٿان هڪ چادر هئي، جنهن تي ”نادِ علي“ لکيل هو. ٺيڪ 4:25 منٽن تي رڙين، ماتم ۽ نعرن ۾ محترمه جي مڙهه کي قبر ۾ لاٿو ويو. مڙهه کي قبر ۾ لاهيندڙن ۾ آصف زرداري، نادر مگسي، خورشيد جوڻيجو، شاهد ڀٽو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو شامل هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نئين ٺهيل مقبري جي مک دروازي جو هڪ تاڪ هن رش ۾ ان وقت ڀڄي پيو، جڏهن ماڻهن جي پيهه ۾ ايمبولينس کي اندر آندو ويو. اندر مزار ۾ تمام غمگين ۽ جذباتي منظر هو.
”نه کپي، نه کپي پاڪستان نه کپي“ جو نعرو خبر ناهي ڪنهن هڻايو ۽ ڇو هڻايو. يا اهو اتي آيل ماڻهن جي غم ۽ غصي جو ترجمان هو؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن کي ايندڙ وقت جا اڪابر ۽ حڪمران ئي سمجهي سگهن ٿا. ان کانپوءِ آصف زرداري لاءِ اهو ضروري ٿي ويو ته هن آچر (30 ڊسمبر) تي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي بريفنگ وقت ان جي وضاحت ڪندي چيو ته اهڙا نعرا افوسناڪ آهن ۽ اسان چئون ٿا ”پاڪستان کپي، پاڪستان کپي“. خبر ناهي ڳڙهي خدا بخش ۾ ماڻهو ڪٿان اچي ڳاهٽ ٿيا هئا، جيتوڻيڪ پيٽرول پمپ بند هئا، ٽرانسپورٽ ڪا نه هئي، مون ته اهو به ڏٺو ته ماڻهن جا قافلا پ پ جا جهنڊا کنيو ماهوٽا، لاڙڪاڻي ۽ لاڙڪاڻي کان نئين ديري، پوءِ ڳڙهي خدا بخش پيادل پهتا، خبر نه آهي، اها ڪهڙي شڪتي هئي، جيڪا انهن کي سخت ٿڌ ۾ هن طرف گهليندي هلي آئي آهي.
جيڪو به ماڻهو مون کي مليو، انهنجا تاثرات اهي هئا ته سنڌ يتيم ٿي وئي آهي ۽ سنڌي به يتيم ٿي ويا آهن. ان کانسواءِ اهو تاثر به مليو ته بينظير چئني صوبن جي زنجير هئي، اها هاڻ ٽٽي وئي آهي. اُهي ٻه رايا بلڪل عام هئا ۽ تقريبن ٽن ڏينهن جي سوڳ تائين مان ماڻهن کان روڊن تي، مزار تي، نئين ديري هائوس تي اها ڳالهه پڇندو رهيس، پر انهن جا جواب اهي هئا ۽ ڪجهه وري انهن ٻنهي جوابن جي وچ ۾ هئا. ماڻهو اهي به جواب ڏئي رهيا هئا ته هن گهراڻي (ڀٽي) شهادت تي شهادت ماڻي آهي ۽ سياست ۾ وڏي کان وڏي قرباني ڏني آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي موت قبوليو، پر آڻ نه مڃي. ڦاسيءَ تي چڙهي ويو، پر اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ ويندي ويندي چيو ته ”مان تاريخ ۾ مرڻ نٿو چاهيان“ محترمه بينظير ڀتو جا اُهي اکر اڄ به اسان جي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا ته ”مان عوام جي دلين ۾ رهڻ ٿي چاهيان.“
نئين ديري ۾ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ ٻيا تڏي تي ويٺا ۽ ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ماڻهن کان تعزيتون وصول ڪرڻ لڳا ۽ آصف زرداري محترمه جون رکي رکي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ماحول ويتر سوڳوار ٿي پئي ويو. مطلب ته اندر جي اڇل اُجهل ٿي پئي وئي ۽ نيڻن جا بند ٽوڙي ڳوڙها نڪري پئي آيا. اِها بي ساختگي هئي، اندر جا اُڌما هئا يا ڇا هئا، انهن کي ڪو به نالو ڏئي نٿو سگهجي. ها نيڻ پٿر ٿي ويندا آهن، جڏهن ماڻهو جي هڙ هلي ويندي آهي ۽ اهڙا به منظر نظر آيا، جڏهن ماڻهن ماتم شروع ڪري ڏنو. ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو لڳاتار هو ۽ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سربراهه ميان نواز شريف 40 ڄڻن جي وفد سان نئين ديري پهتو ته اتي بيٺل ڪارڪنن ۽ ماڻهن اِهي نعرا پئي هنيا ته ”ياالله يا رسول، بينظير بي قصور“ ۽ ”ياحسين ياحسين“ ڪري ماتم ڪري رهيا هئا. نواز شريف سان گڏ محمود اچڪزئي، الاهي بخش سومرو، اسحاق ڊار، اقبال جهڳڙا، سابق صدر پاڪستان رفيق تارڙ، راجه ظفرالحق، صديق الفاروق ۽ ٻيا هئا. ان کان اڳ سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه ممتاز علي ڀٽو پنهنجي ڀاءُ حاجي معشوق علي ڀٽو، ڀائيٽي آصف علي خان ڀٽو ۽ امير بخش ڀٽي ۽ گهر ڀاتين سان نئين ديري اچي شهيد بينظير ڀٽو جي ننڍي ڀيڻ صنم ڀٽو سان عذرخواهي ڪئي ۽ پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو وڃي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري. ان کانسواءِ اها خبر به آئي ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني پاران محترمه بينظير ڀٽو جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. اِها هڪ نئين ڊولپمينٽ آهي. اِهي گل رات جو ٻارهين وڳي ڌاران چاڙهيا ويا، جنهن ۾ لاڙڪاڻي چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جو هڪ نمائندو به شامل هو. بهرحال هي سلسلو جاري آهي ۽ ان دوران 30 ڊسمبر تي پارٽيءَ جو هڪ تڪڙو اجلاس ڪوٺايوويو ته جيئن ان کي اڳتي هلائي سگهجي، ڇو ته مٿان چونڊون اچي رهيون آهن. اها وصيت اتي بلاول پڙهي، (جيڪا 16 آڪٽوبر جي لکيل ٻڌائي وڃي ٿي) جنهن ۾ محترمه بينظيرڀٽو چيو آهي ته خدانخواسته جيڪڏهن هن جي زندگيءَ کي ڪجهه ٿي وڃي ته پوءِ آصف زرداري پارٽي جو سربراهه ٿيندو. پريس ڪانفرنس جنهن کي بريفنگ چيو ويو ته جڏهن مک ڪرسين تي نالا هنيا ويا ته هڪ ڪرسيءَ تي ”بلاول ڀٽو-زرداري“ جي چٽ لڳائي وئي ۽ ڀرسان سندس والد آصف زرداري ۽ مخدوم امين فهيم جون ڪرسيون لڳايون ويون. ميڊيا ان مان ڀاسي ورتو ته ايندڙ پارٽي چيئرمين ڪير ٿيندو ۽ اک ڇنڀ ۾ ڏيهان ڏيهه اهي خبرون پکڙجي ويون ته بلاول کي پارٽي سربراهه چونڊيو ويو آهي. ڪافي دير کانپوءِ پارٽي اڳواڻ آيا ۽ مخدوم امين فهيم ڳالهه شروع ڪندي (تمام غمزده موڊ ۾) چيو ته ”محترمه جي خواهش (وصيت) بلاول پارٽيءَ جي CEC ۾ پڙهي آهي ۽ ان کي پارٽي قبول ڪيو آهي. جنهن مطابق پ پ جو سربراهه آصف زرداري کي ڪيو ويو، پر پوءِ آصف زرداريءَ پنهنجي پاران سندس پٽ بلاول کي اِهو عهدو سونپيو ۽ پاڻ ان جو ڪوچيئرمين ٿيو آهي. بلاول جيڪو هاڻي بلاول ڀٽو زرداري جي حيثيت سان سڃاتو ويندو، کي هيءَ ذميواري ان وقت ڏني وئي آهي، جڏهن هو 19 سالن جو آهي ۽ اڃا تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. هن پريس کي هڪ مختصر خطاب ۾ چيو ته مان پارٽيءَ جو شڪر گذار آهيان، جنهن هن تي اعتماد ڪيو ۽ هو پنهنجي پڙهائي ختم ڪرڻ کانپوءِ پارٽي معاملا سنڀاليندو. تيستائين سندس والد روزمره جا پارٽي معاملا هلائيندو. هن چيو ته جمهوريت ئي هڪ وڏو بدلو آهي. پريس جي نظر تيز هوندي آهي. ان ڏٺو ته جهانگير بدر جيڪو پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري آهي، ان جي ڪرسي باوجود چٽ لڳڻ جي خالي رهي ۽ آصف زرداري هن لاءِ هر هر پڇندو به رهيو. ان کانسواءِ هن پريس ڪانفرنس ۾ بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿي ناهيد خان ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي (جيڪو چارٽر آف ڊيموڪريسي لکندڙن ۾ شامل آهي) نظر ڪو نه آيا. پارٽيءَ جي هن فيصلي کان اڳ سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽي جو اهو بيان آيو ته پ پ جي ڀٽي خاندان جي خون ۽ پگهر تي جڙ آهي، تنهن ڪري قيادت به ڀٽن وٽ هئڻ کپي. ٻي ڪنهن جي قيادت پ پ جا سچا ۽ هڏڏوکي ڪارڪن ۽ عوام قبول ڪو نه ڪندو. ساڳي ئي ڏينهن ممتاز علي ڀٽي المرتضيٰ هائوس وڃي محترمه غنويٰ ڀٽو، فاطمه ڀٽو سان پ پ جي فائونڊر ڊاڪٽر مبشر حسن جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن اهو بيان آيو ته منهنجي (ممتاز ڀٽي) ڀرپور ڪوشش آهي ته ڀٽي خاندان ۾ اختلاف ختم ڪرائي وري هڪ ڪٽنب جوڙيان. ڌارين گهر ۾ اچي سياسي ۽ شخصي اختلاف پيدا ڪري ڀٽي خاندان کي استعمال ڪيو آهي ۽ ان کي گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن جو ازالو ان مان ٿيندو ته سڀ شاخون گڏ ٿي انهن کي پري ڪن، جن شخصي مفادن خاطر اختلاف پيدا ڪري ڀٽن کي استعمال ڪيو آهي. هڪ طرف هيءَ صورتحال آهي ته ٻي طرف اهو فيصلو ٿو اچي ته آصف چواڻي منهنجا ٻار وڏا آهن ۽ انهن پنهنجي خواهش مطابق پاڻ کي اڄ کانپوءِ ”ڀٽو-زرداري“ سڏائيندا، پر ممتاز علي ڀٽو ان کي هئين ٿو ڏسي ”جيڪڏهن سندس گهر واري (بينظير ڀٽو) پنهنجي پيءَ جي نالي ۾ هلي ته هن جي پٽ کي به پنهنجي پيءَ جي نالي هلڻ کپي، هونئن به قومون مٽائڻ يا ٻين قومن جي نالي ۾ هلڻ سنڌ ۾ غيرروايتي قدم آهي، جيڪو قبول نٿو ڪري سگهجي. اسان جون به مٽيون مائٽيون آهن، پر اسان جي ڌيئرن ۽ ڀينرن جا ٻار بدستور فخر سان پنهنجي والدين جي ذات، ڄاموٽ، راڄڙ، ڏهراج، ٿيٻا ۽ ڪلهوڙا وغيره سڏائين ٿا. جنهن مان ڪنهن به ڀٽي بڻجڻ جي خواهش نه ڏيکاري آهي. هونئن به هن فيصلي کانپوءِ جڏهن عام تاثر معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان تي ڪي اميد افزا جواب ڪو نه آيا ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته بس ڄڻ فيصلو قبول آهي واري صورتحال هجي. خبر ناهي مالڪ ان کي ڪيئن ٿا پڙهن ۽ انهن وٽ ڪهڙا رايا آهن، پر عوام ۾ ڪجهه دٻيل جذبات ضرور محسوس ڪيا ويا آهن. انهن جو اڳتي هلي ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري، اهو الله ٿو ڄاڻي.
چوڻ وارا چون ٿا ته هن فيصلي سان پارٽيءَ جون واڳون سڌو سنئون آصف زرداريءَ جي حوالي ٿي ويون آهن، ڇو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کان ٻاهر هوندو ۽ اليڪشن جهڙي اهم مرحلي ۾ صرف آصف زرداريءَ هتي هوندو، جنهن چواڻي هو مخدوم امين فهيم ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪري پارٽي اڳتي هلائيندو. آخر هيءَ ڳالهه ڪٿي وڃي دنگ ڪندي، هڪ طرف ممتاز ڀٽي پاران مخالفت ۽ مٿان وري غنويٰ ڀٽو سان ملاقات ۽ پوءِ اهو بيان ته ڀٽن کي هڪ ڪرڻ ٿو چاهيان، اهو ڪهڙو ڏس ڏئي رهيو آهي. پ پ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي هن مسئلي تي PML (N) به پنهنجو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس ورتو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ٻيون پارٽيون حصو نه وٺي رهيون آهن ۽ مٿان حڪومت چونڊن کي ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڪو اهڙو منطر جڙندي نظر نٿو اچي، جيڪو پ پ کي موجوده ليڊرشپ مان گهڻو فائدو پهچائي. چيو وڃي ٿو ته آصف زرداري ۾ شين کي آرگنائز ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ آهي ۽ هو هن وقت پارٽيءَ کي بلڪل سهارو ڏئي پار پوندو. عام پارٽي ورڪر ۽ اڳواڻ جو لڳاءُ ”ڀٽو“ ذات سان آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن زرداري گم ٿي ٿو وڃي ته پوءِ ڀلائيءَ جا بلڪل چٽا امڪان آهن، پر جي ايئن ٿو ٿئي ۽ ملائڪ هن هيڏي ساري پارٽيءَ کي ٽوڙڻ شروع ڪن ٿا ته پوءِ اهو انهن اڳواڻن ۽ ورڪرن تي آهي، جيڪي هن جهنڊي هيٺ هلن ٿا ته اُهي هن کي بچائن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڀٽا پاڻ ۾ گڏ ٿين ٿا يا اڃا ٿا ورهائجن. ڇو ته ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي ته محترمه غنويٰ ڀٽو ۽ بي بي ۾ ملڪيت جو تڪرار ٿيو هو ۽ ڪارڪنن تي ڪيس به داخل ٿيا هئا. اهو به امڪان آهي ته اهڙي قسم جا معاملا وري ڪر کڻن ۽ ڪوئي ان کي وڌيڪ تيلي ڏيئي ڀڀڙ نه ڪري. ان لاءِ نئين قيادت کي ان تي به سوچڻو پوندو. اهڙن فيصلن جي ضرورت آهي، جيڪي نه صرف پارٽيءَ کي مضبوط ڪن، پر ماڻهن ۾ اهو احساس به پيدا ڪن ته ها واقعي پ پ انهن جي پارٽي آهي. آخر ۾ ڳالهه وري به اها ڳڻبي ته ڇا پ پ وارا هن فيصلي کي ڪيترو دل سان تسليم ڪن ٿا، يا وري ڪي نوان آکيرا ٺاهڻ لاءِ پر ساهيندا، پوءِ ڀلي اُهي اليڪشن جي موجوده عمل سان ئي شروع ٿين، پر اهو واضح آهي ته هن وقت به پ پ عوام ۾ مقبول پارٽي آهي ۽ ان جو اثاثو ڪارڪن ۽ ان جي ليڊرشپ آهي، جيڪا مسلسل جدوجهد ۾ رهي آهي ۽ هميشه ”ڀٽي“ پٺيان هلي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو ته CEC جي 30 ڊسمبر واري ميٽنگ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ٿيو. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو وڃي ها ته شايد ماڻهن ۾ پارٽيءَ خلاف تاثر پيدا ٿئي ها. ٻيو ته مٿان وري بينظير جي ننڍي ڀيڻ صنم ڀٽو هڪ بيان جاري ڪري CEC جي مڙني فيصلن جي توثيق ڪئي آهي. ان مان اهو تاثر ڪجهه قدر قوت سان محسوس ٿيندو ته هاڻ پ پ ۾ هن (صنم ڀٽو) جي راءِ به شامل آهي. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته هوءَ غيرسياسي شخصيت آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري هن لڏي کي ڪيئن ٿا اڳتي وٺي هلن. اهو سڀ وقت ٻڌائيندو.
| . |
|
2007-2008Copyright © Mehranmag.tk This website is developed and Managed by Mazhar Ali Abro |