Relievers Forum Shikarpur [RFS] |
Mobile # +92 334 3675045 Aims & Objects of RFS شڪارپور جون خبرون 2004 ـــ2005
History of SHIKARPUR Journalists
Unveiling ceremony of statue of RBUT for Civil Hospital Shikarpur 1935
Sindh's youngest and two time Prime minister Shaheed Allah Bux Soomro [1900 - 1947] playing with his youngest son Abdul Samad Soomro [ 1938 - 1990]
Bhagat Kanwar Ram's wife is seen here sitting with late Sain Shiv Bhajan of Shikarpur آزاد نظم حسام ميمڻ [11 May 2008] بارشن جي مُندَ ۾ ڇو خزان آڻي پئي انقلابي ويس ڳاڙهو ڇو ڀلا پائين پئي ڪا سفيدي لان پاءِ ڪو ڀلا ڪاٽن وڳو سچ پڇين او دلربا! ململ بنهه ڄڻ تو جيان تون مڃين يا نا مڃين او مهربان منهنجي مٺِي! ڇو الائي ايئن لڳي ٿو آخري منهجي گهٽي تنهنجي در تي ٿي کٽي تنهجي ڀر ۾ٿي کٽي تنهنجي پلو ۾ زندگي ريشم جي رَوَ ۾ زندگي مينهن هي پوندو رهي ملڪ ئي وسندو رهي پر او منهنجي مٺي! او مهربان منهنجي سکي! ڳاڙهي وڳي کي لاهه تون ڪو سفيدو پاءِ تون!! ڳاڙهي وڳي کي لاهه تون!!! * |
Gothic Style Merewether Pavilion - Shahi Bag
Khadim Hussain Memon - The Legend Bureaucrat of Sindh/Shikarpur Died Last Night ويا سي وينجهار
(خادم حسين ميمڻ جي ياد ۾) مان جڏهن به ڪي وکريل ڳالهيون ڪندو آهيان ، مونکي لڳندو آهي ته ڪجهه نه ڪهه ضرور ٿيندو، مان رات کان بيچين هوس، من ۾ هورا کوري هئي، دل ٻڏي رهي هئي، لڳي پيو ته ڪجه غير معمولي ٿيڻ وارو آهي، نيٺ رات جو يارنهين وڳي خبر پئي جڏهن ڀيڻ لاهور مان فون ڪري ٻڌايو ته ”ڀاءُ، ماما گذاري ويو“ ماما خادم حسين ميمڻ جيڪو سي ايس پي هو ۽ هن جي ايلوڪيشن انڪم ٽيڪس ۾ به ٿي هئي ته پاڪستان ريلوي ۾ به، پوءِ هن تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر رحمت الله ميمڻ کان صلاح ورتي هئي ته هو ڪهڙو گروپ جوائن ڪري. رحمت الله صاحب کيس چيو ته جي پيسا ڪمائڻ ٿا چاهيو ته انڪم ٽيڪس جوائن ڪريو نه ته ريلوي. پوءِ هن ريلوي جوائن ڪئي ۽ آخر تائين ريلوي ۾ ئي رهيو ۽ اتان ڪجهه سال اڳ رٽائر ٿيو. هي منهجو مينٽر هو، مهنجو اتساه هو، منهنجو فخر هو، مان هن جو اولڙو ۽ عڪس آهيان.18 مئي 2009 هن جي زندگيءَ جو آخري ڏينهن ثابت ٿيو. هي منهجو ماسڙ هو پر اسين سڀ کيس ننڍي هوندي کان ماما ئي چوندا هياسين هو هڪ اسڪالر هو، هو معتبر ماڻهو هو، هو لائق ماڻهو هو، هن جي موت جو تمام گهڻو صدمو پهتو آهي. هو پاڪستان کان لڳ ڀڳ 8 سال وڏو هو. هن جي پيدائش جو سن8 آگسٽ 1939 آهي، ۽ هن پنهجي زندگيءِ جا 70 سال هڪ باوقار ماڻهوءَ جهڙا گذاريا، ڪن ماڻهن جا نقش زندگين تي اڻمٽ هوندو آهن، جن جي موت جي خبر اسانجي پرواز ۾ ڪوتاهي پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، مان رات جو 11هين کان سوچيان پيو ته ماما تي ڪجهه لکان پر لکي نه سگهيو آهيان. سنڌ جي ڪامورن ۾ هي هڪ ليجينڊ هو، هن تي مان هڪ ڪتاب لکڻ ٿو چاهيان، هڪ ويب به آن لائين ڪندس. ڇو ته مان هن سان پيار ڪندو هوس. ها اڄ ئي ته سوچيو هو ته مان ماما سان ملڻ ويندس، جلد هن سان ملندس، گهت ۾ گهٽ 5 سال ٿيا هيا نه مليا هياسين، ڏاڍي دل ماندي هئي، پر ڪجهه مسئلن ڪري هن سان ملي نه سگهيس، مون پنهنجي ڪزن سان پروگرام به ٺاهيو هو ته هن سان ملڻ گڌجي هلبو، لاهور مان ڪڏهن ويو به ناهيان پر ماما جي بهاني لاهور به ڏسب انهيءَ گهر ۾ منهنجي ڀيڻ به آهي ان سان به اتي ملبو پر منهجي اها ديرينه خواهش هڪ حسرت ئي ثبت ٿي افسوس مان سنڌ جي ليجينڊ جو منهن به ڏسي نه سگهندس، افسوس جو هن جو آخري ديدار به مونکي نصيب نه ٿيندو. مان رهجي ويس، مان گم ٿي ويس، مان الوپ ٿي ويس،کوڙ سارا سوال هن کان پڇڻا هيا، هن جي اندر ۾ کاٽ هڻڻو هيو، پر مان اهڙو ڪم ڪري نه سگهس ۽ هو سمورا راز ۽ نياز سان اڪيلي اڪيلي پاڻ سان کڻي ويو اسين زندگيءَ ۽ ان جي مجبورين جا قيدي آهيون، معاش جي مامرن اسانکي کي قيدي ڪري ڇڏيو آهي، اسين هر دفعي رهجي وڃون ٿا اسين رهجي ويل مسافر آهيون، Hisam Memon [19/5/2009 Paintings of Sami Channa
Mumtaz Mangi recites his poem "Radical Woman"
Zia Shah recites his Free Verse
Salman Soomro recites his Blank Verses Please watch more movies Click Here
ڪالا باغ ۽ ٿل ڪينال خلاف عوامي تحريڪ جو لانگ مارچ Copyright © All Rights Are Reserved at Hisam Memon 2004 No One can copy material from this site without permission |
Wood Work Bablani Family Sindhi Adabi Sangat Shikarpur Artist Sami Channa Anwar Soomro sect. SAS Mumtaz Mangi's Poetry شهيد شيراز باڊي شڪارپور Online book of Nazar Lakhai Online book of Z.A Bhutto
|
---|---|---|